کپرو ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، سول جج جو ڀاءُ قتل، 4 زخمي

0
705
سول جج جو ڀاءُ قتل

کپرو (ن پ ا) کپرو ڀرسان مٿوڻ ۾ سرڪاري پلاٽ تي ھلندڙ چانهيون ۽ درس برادري ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو، ھڪ ڄڻو قتل، 4 ڄڻا زخمي، جهيڙي دوران سول جج عمرڪوٽ رسول بخش درس جو ڀاءُ امام بخش درس مارجي ويو، جڏهن ته صادق درس سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۽ مارجي ويل جو مڙھ کپرو اسپتال آندو ويو، پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي جنھن سبب وڌيڪ خونريزي ٿيڻ جو خدشو آهي، مقتول جو وارث صالح معسود درس جو چوڻ آهي ته اسان بار بار ايس ايس پي سانگھڙ کي شڪايتون ڪندا رھياسين پر پوليس خاموش تماشي بڻي رھي، اڄ حيات چانھيون عمر چانھيون ۽ امير چانھيون وارن ھڪ سئو ھٿياربند ساڻ ڪري راھ ويندڙن تي حملو ڪيو.