سنڌ ۾ ڪيترا مقابلا ٿيا، پوليس رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

0
289
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس مقابلن جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جاري ڪيل رپورٽ موجب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلندڙ سال جي 6 مهينن ۾ پوليس مقابلن ۾ 94 سيڪڙو واڌ آئي آهي، هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن ۾ 848 پوليس مقابلا ٿيا، انهن مقابلن ۾ 10 اهلڪار شهيد ٿي ويا، 59 اهلڪار زخمي ٿيا، مقابلن ۾ 39 ڏوهاري مارجي ويا، 177 ڏوهاري زخمي ٿيا، مقابلن دوران 14 شهري به زخمي ٿيا آهن.