لائيو: فريد آباد کانپوءِ کپري ۾ خوفناڪ باهه: 30 پورهيتن جا گهر سڙي رک

0
269
ڀرياسٽي لڳ باهه لڳڻ سبب ٽن پورھيتن جا گهر سڙي ويا
ڀرياسٽي لڳ باهه لڳڻ سبب ٽن پورھيتن جا گهر سڙي ويا

 لائيو رپورٽرنگ کپرو: فريد آباد کانپوءِ کپري ۾ به خوفناڪ باهه جو واقعو رپورٽ ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا آهن

 ڳوٺ خليفو عاقل هنڱورو ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي سڄي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي واري علائقي کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن سبب 3 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا

 باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل ان، هنڌ بسترا، نياڻين جو ڏاج سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو آھي، جنھن سبب سڀ ڪجھ سڙي ويو

باهه متاثرن ۾ ڀاڳچند مصري، سومجي ڀوجو، هيمراج چاندو، ٻيجلو ، حاڪم منڱريو، حسين، درياءِ خان، ايوب غفور منڱريو ۽ ٻيا شامل آهن اطلاعن موجب هن وقت به ڳوٺ ۾ باهه لڳل آهي، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن

موهن جو دڙو لڳ باهه، 15 گهر سڙي رک، 10 ڄڻا سڙي زخمي
ٻئي پاسي موهن جو دڙو: موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ محرابپور جتوئي ۾ باهه جو واقعو رپورٽ ٿيو آهي، جنهن ۾ ڀٽي، جتوئي ۽ پيرزاده
برادري جا 15 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا آهن
ڳوٺاڻن موجب مقامي انتظاميا تقريبن ٻن ڪلاڪن کانپوءِ پهتي، باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن باهه لڳڻ سب 8 ڍور سڙي مري ويا، جڏهن ته 3 نياڻيون جن جي ڪجهه ڏينهن ۾ شادي رٿيل هئي، تن جو ڏاج به سڙي رک ٿي ويو باھ وسائڻ جي ڪوشش دوران عورتن
۽ مردن سميت 10 ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

فريدآباد باھه واقعو: ڊي سي ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽرز تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم