کپرو (ن پ ا) 20جون 2022ع تي  قتل ٿيل 4 ٻارن جي پيءُ نوجوان يارمحمد راڄڙ جو 4 ڏينهن اڳ ڦٽل کوهه مان لاش هٿ آيو هو،  مقتول جي ڀاءُ جي  فرياد تي  مقتول جي گهرواري جانيت خاتون ۽ گجو برادري جي 2 جوانن تي  ڪيس  داخل  ڪيو ويو آھي، جڏهن ته  مقتول جي بيواهه جانب راڄڙ ۽  گجو برادري معشوق گجو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان پوليس موجب ته مقتول جي زال ۽ نوجوان  اعتراف ڪيو آھي ته هنن گڏ جي هڪ ٻئي ساٿي سان گڏ نوجوان کي قتل ڪري لاش اڇلائي ڇڏيو، پوليس موجب جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪيو آهي.