انگلينڊ طرفان پاڪستان جي دوري لاءِ 15رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان

0
378
انگلينڊ طرفان پاڪستان جي دوري لاءِ
انگلينڊ طرفان پاڪستان جي دوري لاءِ 15رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان

انگلينڊ پاڪستان جي دوري لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
انگلينڊ ٽيسٽ اسڪواڊ جي قيادت بين اسٽوڪس ڪندو، جڏهن ته اسڪواڊ ۾ شامل ٻين رانديگرن ۾ جيمز اينڊرسن، هيري بروڪ، زيڪ ڪرالي، بين ڊڪٽ، بين فوڪس، ول جيڪس، ڪيڊن جينگز، جيڪ ليچ ۽ ليام ليونگسٽن شامل آهن

ان کانسواءِ جيمي اورٽن، اولي پوپ، اولي رابنسن، جو روٽ ۽ مارڪ ووڊ شامل آهن، جڏهن ته اسٽيورٽ براد کي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو
پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز جي سيريز هلندر سال کيڏي ويندي، پهرين ٽيسٽ پهرين ڊسمبر تي راولپنڊي، ٻي 9 ڊسمبر تي ملتان ۽ ٽئين ٽيسٽ 17 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ کيڏي ويندي