کپرو (ن پ ا)کپرو لڳ کاهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالرحمان درس ديهه مٿوڻ ۾ 50 ورهين جي محمد عيسيٰ ولد خان محمد درس جو لاش قبرستان ساهڙ فقير درس ۾ وڻ مان ٽنگيل مليو. وارثن موجب فوتي پنج نياڻين ۽ 4 پٽن جو پيءُ آهي ۽ هو جمعي نماز جي لاءِ گهران نڪري ويو، واپس نه آيو، ڳولا ڪئي سين پر هو نه مليو جمعي نماز بعد قبرستان تي ويندڙ ماڻھن هن جو لاش ساهڙ فقير جي قبرستان ۾ وڻ ۾ ٽنگيل ڏٺو جن وارثن کي اطلاع ڪيو. وارثن جي اطلاع تي کاهي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو. وارثن کان مليل ڄاڻ موجب هو بيمار رهندو هو، ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا هو، غربت سبب هو مڪمل علاج نه ڪرائي سگهيو، دوائن تي زندگي گذاري رهيو هو. واضح طور خودڪشي جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو.