ملير:شاهه ٽائون ۾ وحشي جوابدار طرفان نينگر سان بدفعلي ۽ تشدد، ويھڪ واري جاءِ تي ڏنڀ

0
227

ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي شاهه ٽائون ۾ وحشي جوابدار طرفان معصوم ٻارڙي سان بدفعلي ۽ بدترين تشدد، جوابدار بدفعلي بعد نينگر کي ويهڪ واري جاءِ تي ڏنڀ ڏئي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، متاثر نينگر جي وارثن طرفان بن قاسم ٿاڻي تي ڪيس داخل، وحشي جوابدار ربنواز فرار، پوليس جوابدار جي ٻن ڀائرن کي گرفتار ڪري ورتو، نينگر علاج ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ لاءِ اسپتال منتقل، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جي جسم تي تشدد جا نشان آهن، معاملي جي جاچ جاري آهي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا به هنيا پيا وڃن.