کورواھ (رپورٽ ابراھيم مخدوم) کورواھ ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ پڄاڻي تي پھتو ونر ٽيمن کي 3 موٽر سائيڪلون ۽ ڪيش انعام ڏنا ويا. ٽورنامنٽ جي اي ليول جي ميچ ۾ فريڊم فائيٽر ٽنڊو محمد خان ھٿان ماتلي اسٽار کي شڪست ملي فرينڊم فائيٽر پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 137 رنسن جو ھدف ڏنو. شفاقت 45 ۽ عرفان جٽ 34 رنسون ٺاھيون. ماتلي اسٽار جواب ۾ مقرر 8 اوورن ۾ 120 رنسون ٺاھي سگھي. ذيشان شاھ جون 50 رنسون به ڪم نه آيون. شفاقت کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. فرينڊم فائيٽر کي موٽر سائيڪل ۽ ڪيش انعام ڏنا ويا. بي ليول جي فائنل ۾ الزئور اليون بٺورو پھرين بيٽينگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 70 رنسن جو ھدف ڏنو. جواب ۾ جيئي لطيف گولاڙچي مقرر 6 اوورن ۾ 67 رنسون ٺاھي سگھي، ۽ ٽن رنسن تان شڪست کاڌي. ناظم زئور کي ميچ جو ھيرو قرار ڏنو ويو. فاتح ٽيم کي به موٽر سائيڪل ۽ ڪيش انعام ڏنا ويا. سي ليول جي فائنل ۾ شيرازي اليون گلمير شاھ پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 105 رنسن جو ھدف ڏنو. سپر اسٽار کورواھ بي مقرر 6 اوورن ۾ 85 رنسون ٺاھي سگھي ۽ کين 20 رنسن تان شڪست ملي، مين آف دي ميچ بشير شاھ قرار ڏنو ويو. شيرازي اليون کي به موٽر سائيڪل ۽ ڪيش انعام ڏنا ويا. ٽورنامنٽ ۾ ٺٺي، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان ضلعن جي 42 ٽيمن حصو ورتو.