ڏهرڪي (ن پ ا ) ڏهرڪي لڳ ڳوٺ صاحبڏنو ڪوڀر وٽان نرلي مائينر ۾ ڳوٺاڻن لاش لڙهندو ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي لاش ڪڍيو، جنهن جا هٿ پير ٻڌل هئا، پوليس لاش کڻائي سول اسپتال پهتي، نوجوان جو چهرو سڃاڻپ جهڙو نه هجڻ ڪري لاش سڄو ڏينهن سول اسپتال ۾ پيل رهيو، شام جو دير سان پوليس نوجوان جو لاش ٽائون ڪاميٽي حوالي ڪري امانت طور تڪيو محمد پناهه قبرستان ۾ دفن ڪرائي ڇڏيو، رابطي ڪرڻ تي ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته لاش ڪجهه ڏينهن پراڻو هجڻ ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي نوجوان جي کيسي مان اوڪاڙه کان ڏهرڪي سفر لاءِ ٽرين جي ٽڪيٽ ملي آھي جنهن ۾ به تاريخ صاف لکيل ناهي، وڌيڪ ماملي جي جاچ ڪري رهيا آھيون.