ميرپور ساڪرو (رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي) ميرپور ساڪري لڳ لڌيا اسٽاپ جي رھواسي وڪيو ملاح جي پٽ 14 ورھين جي نينگر شھزاد ملاح الزام ھڻندي چيو آهي ته آئون روڊ تان گھر وڃي رھيو ھئس ته فاروق خاصخيلي مون جي اکين تي ھٿ رکي جھنگ ۾ وٺي وڃي بدفعلي جو نشانو بڻائي جھنگ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو، نينگر کي وارثن تعلقي اسپتال ميرپور ساڪرو آندو، جتي ڊاڪٽرن نينگر جو ميڊيڪل ڪيو، اسپتال جي ڊاڪٽر موھن لعل ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ تصديق ڪئي ته نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو آٓهي، ٻي طرف نينگر کي بيهوشي جا دورا پوڻ ۽ حالت خراب هجڻ سبب تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ٻي طرف نينگر جي والد وڪيو ملاح ٿاڻي تي پهچي جوابدار فاروق خاصخيلي خلاف رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، ان حوالي سان ايس ايچ او ساڪرو نديم بيگ ٻڌايو ته نينگر جي وارثن اين سي داخل ڪرائي آهي، ڇاپا هڻي رهيا آهيون، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.