گهارو (ن پ ا) نئين آبادي گهارو ۾ مائٽن جي دعوت تي آيل ٻھارا شهر جو رهواسي عبدالرشيد ولد حسين خاصخيلي مائٽن سان گڏ ڳوٺ اڳيان کاريسر درياهه ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، اطلاع تي وارثن ۽ پوليس پهچي ٽوٻن ذريعي درياه مان نوجوان جو لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس موجب ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.