ڏهرڪي ٽرين حادثي جي شروعاتي جاچ رپورٽ تيار

0
193

ڏھرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ٽرين حادثي جي شروعاتي جاچ رپورٽ تيار، حادثو اپ ٽريڪ جي ساڄي پاسي واري پٽڙي جِي ويلڊنگ ٽٽڻ سبب پيش آيو، جوڙ ٽٽڻ سبب ملت ايڪسپريس جون 12 بوگيون ڊائون ٽريڪ تي ڪري پيون، جنهن بعد ڊائون ٽريڪ تان ايندڙ سر سيد ايڪسپريس بوگين سان ٽڪرائجي وئي، حادثي سبب سر سيد ايڪسپريس جي انجڻ ۽ چار بوگيون به پٽڙي تان لهي ويون، حادثي جو شڪار ٿيل ٽرينز جِي انجڻين جي بليڪ باڪس مان ڊيٽا ڪڍي پئي وڃي، بليڪ باڪس مان مليل ڊيٽا جاچ لاءِ موڪلي ويندي.