ڏهرڪي: شهري ٿاڻي اندر وڙهي پيا، اهلڪارن ۽ صوبيدار کي به ڪٽڪو

0
213
ڏهرڪي: شهري ٿاڻي اندر وڙهي پيا، اهلڪارن ۽ صوبيدار کي به ڪٽڪو
ڏهرڪي: شهري ٿاڻي اندر وڙهي پيا، اهلڪارن ۽ صوبيدار کي به ڪٽڪو

ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ۾  ڀت جي معاملي تان سونارا برادري جا ماڻهو ٿاڻي اندر ئي پاڻ ۾ وڙهي پيا، جنهن دوران ٿاڻو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، وچ ۾ پيل پوليس اهلڪارن ۽ صوبيدار کي به ڪٽڪو ڏنو ويو

سونارا  برادري جا فتاح سوناري ۽ سعيد سونارو وارا ٻئي ڌريون هڪ ٻئي خلاف  ٿاڻي پهتا ته ٻنهي ڌرين جي ماڻهن ٿاڻي اندر هڪ ٻئي مٿان سروٽن ۽ پٿرن سانحملو ڪري ڏنو

ان دوان پوليس اهلڪار به پاڻ کي بچائيندا رهيا پر جهيڙي ڪارن اهلڪارن ڊيوٽي آفيسر خير محمد لغاري کي به ڪٽڪو  ڏنو ۽ جهيڙي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا

جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا فتاح، نثار، وقار، جبار، جهانگير،  منير احمد ۽ حمزه زخمي ٿي پيا، شهرين ٿاڻي ۾ پهچي ٻنهي ڌرين کي ڇڏائي ورتو، جڏهن ته ڏهرڪي پوليس وڌيڪ نفري طلب ڪري ٻنهي ڌرين ج ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو

 

 

ھي به پڙھندا

 

ڪراچي ۾ اڄ به موسم گرم رهندي، شهري احتياط ڪن