نوابشاھ (بيورو رپورٽ) ڏھرڪي ٽرين حادثي کان پوءِ نوابشاهه ۾ مختلف پنج ٽرينن کي روڪيو ويو، گرمي سبب مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. عوامي ايڪسپريس،. تيز گام، شاليمار ايڪسپريس سميت پنجن گاڏين کي نوابشاهه اسٽيشن تي روڪيو ويو، مسافر سخت پريشان، معصوم ٻارڙن عورتن مردن جو نوابشاهه جي گرمي ۾ برو حال ٿي ويو. ريلوي انتظاميه طرفان سھولتون نه ھجڻ ڪري نوابشاهه جي شھري تاجر اتحاد صدر حاجي عبدالستار قريشي. شڪيل احمد .فرخ . ضياءُ الرحمن سميت شھرين وڏي انگ ۾ پهچي ٽرينن ۾ پريشان مسافر ن کي کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي فراھم ڪيو ويو.