سکر: ڏهرڪي لڳ ٿيل ٽرين حادثي ۾ 4 ريلوي ملازم به اجل جو شڪار ٿيا، جنهن ۾ ٻه پوليس اهلڪار علي ناصر ۽ دلبر شامل آهن. علي ناصر جو تعلق ڪبير والا سان آهي جيڪو اسڪول ٽيچر جو پٽ آهي ۽ پوليس ڪانسٽيبل علي ناصر جي ايندڙ مهيني شادي رٿيل هئي، جنهن جي گهر ۾ شادي جون تياريون جاري هيون. حادثي واري اطلاع ملڻ تي شادي واري گهر ۾ ماتم برپا ٿي ويو آهي، خوشيون ڏک ۾ تبديل ٿي ويون آهن.