ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي ) ڏهرڪي جي ڳوٺ ابراهيم شر جون ٻه نينگريون فرزانه ڌيءُ الهوڌايو شر ۽ ناديه ڌيءُ ميهر شر شر قبيلي جي ريتن رسمن ۽ رواجن کي ٽوڙي موٽر سائيڪل ۽ چنگچي ڦٽو هلائڻ لڳيون آھن. ان سلسلي ۾ ٻنهي نينگرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ ڪي به سهولتون موجود ناهن، جيڪڏهن اسان جا مرد مزدوري يا زمين جي ڪم ڪار هوندا هئا جيڪڏهن گهر۾ ڪو ماڻهو اوچتو بيمار ٿي پوندو هيو ته ان کي شهر ڏانهن کڻڻ لاءِ پريشاني ٿيندي هئي اسان کي شوق جاڳيو ته موٽر سائيڪل سکون پوءِ آهستي آهستي موٽر سائيڪل سکي ورتي سين پنهنجي پيرسن والد جو سهارو بڻجڻ لاء هاڻي چنگچي ڦٽو هلائي زمين تي ٻج ۽ ڀاڻ به اسان کڻي وينديون آھيون، اسان تي شروع شروع ۾سڀ ٽوڪون ڪندا هئا اسان جي وارثن کي به روڪيو ويو ته نينگريون ريتن رسمن رواجن جي ابتڙ آھن پراسان جي وارثن اسان کي اجازت ڏني جنهن بعد هاڻي اسان کي ڏسي ڳوٺ جون ٻيون ڇوڪريون به موٽر سائيڪل سکڻ جو شوق رکن ٿيون ,هنن چيو ته اسان کي فخر آھي ته اسان پنهنجي والدين جو سهارو ٿيا آھيون ,هنن چيو ته اسان پاڻ پڙهيل ناهيون پر پنهنجي ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي موٽر سائيڪلن تي کڻي اسڪول پهچائي اينديون آھيون,نينگرين جي والدين چيو ته اسان وٽ پراڻيون ريتون سمون اڄ به آھن پراسان انهن ريتن رسمن جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي نياڻين کي موٽر سائيڪل هلائڻ جي اجازت ڏني آھي ,ٻئي نينگريون پاڻ ۾ سوٽ آھن.