سکر (بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ اسڪولز جي ڊائريڪٽر رخسانه شاهين مڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ شڪايتن تي خيرپور ۾ڪارروائي ڪئي وئي . حڪومتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙ بيڪن هائوس خيرپو جي رجسٽريشن رد ڪئي وئي، جڏهن ته خيرپور جي ٽن اسڪولن رائزنگ ڪڊز، الرحيم پبلڪ اسڪول ۽ ليڊز اسڪول سسٽم جي رجسٽريشن معطل ڪئي وئي، ڇاپي دوران ٽن اسڪولن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، حڪومتي هدايتن ۽ ڪورونا ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ تي ڏنڊ به لڳايو ويو۔ ان ڏس ۾ ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ اسڪول ايجوڪيشن فرزانه شاهين مڱڻيجو موجب شڪايتون مليون ھيون ته پرائيويٽ اسڪول حڪومتي ھدايتن باوجود کليل آھن.