ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشوري ۾ آبپاشي کاتي جي انتظاميا پاران آر بي بي ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي بنگلن ۽ گھڻ ماڙ عمارتن سوڌو سمورن گھرن کي قبضا ڄاڻائي غير معمولي آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اي، بي سي، ڊي ۽ اي ٽائيپ سوڌو ٻين آبادين کي 15 ڏينهن اندر خالي ڪرڻ جو چتاءُ ڏيندي مختلف علائقن ۾ رهواسين جو پاڻي بند ڪرڻ، گيس ۽ بجلي بند ڪرڻ جو پڻ چتاءُ ڏنو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي ڪچي آبادي وارن علائقن جي هڪ اهم گڏجاڻي پ پ پ اڳواڻ ۽ ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي ڪائونسلر بلاول قادر شورو جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ ڪالوني جي سياسي سماجي ۽ ٻين معززن ڊاڪٽر حفيظ قريشي، ايڊوڪيٽ ارشد سهتو، عاطف لوڌي، ممتاز چانڊيو، فياض ھنڱورو. اسرار احمد جتوئي، عبدالرئوف راھمون، مظفر قريشي، ثناءَالله سولنگصي، سهراب خان، گوهر شاهه، فرقان بيگ، غلام شبير برهماڻي، نويد بلوچ، حاجي زاهد شاهه، اختر بنگش، بلاول قريسي، جنيد بلوچ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنه ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گهر خالي ڪرائڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج ڪندي مزاحمت ڪيو ويندو.هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي، موڪليل نوٽيس رد ڪيا وڃن ۽ آر بي بي ڪالوني جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.