ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار سامونڊي ڪنارن جي ٽنهي وڏن ٻيٽن ڏنگي، ڀنڊاڙ ۽ ٻنڊو کي سنڌ ٻيلي کاتي جي ملڪيت قرار ڏيندي اُتي ٻيلا  پوکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا اجلاس ۾ ٻيلي کاتي جي وزير تيمور ٽالپر بريفنگ ڏني ته ٻيٽن واري زمين اڳ به ٻيلي کاتي جي هئي پر وفاقي حڪومت جَي آرڊيننس  بعد  عدالت حڪم ڪيو ته انهي جو ٻيهر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، انهي ڪري اهي ٻيٽ واپس ٻيلي کاتي حوالي ڪرڻ لاءِ سمري اماڻي آهي. ڪابينا انهي سمري تي ٽنهي ٻيٽن جي زمين کي پروٽيڪٽڊ فاريسٽ ڊڪليئر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ٻئي طرف صوبائي وزير سعيد غني ڪابينا اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته اهي ٻيٽ اڳ ۾  ئي سنڌ حڪومت جي ملڪيت هئا پر اسان وفاقي سرڪار کي اُتي ترقي وٺرائڻ جي اجازت ڏني، وفاقي سرڪار ٻيٽن کي ترقي ڏيارڻ بدران تڪراري آرڊيننس آڻي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي اسان وفاق کي ڏنل اجازت نامو واپس ورتو، اسانکي عدالت به ٻيٽن کي ٻيلي کاتي حوالي ڪرڻ لاءِ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي اسان عمل ڪيو آهي. هن چيو ته پورٽ قاسم اٿارٽي جي موڪيل ليگل نوٽيس جي ڪابه حيثيت ناهي، ليگل نوٽيس جي اهميت ايتري آهي جو اسان ان کي رد ڪري ٻيٽ ٻيلي کاتي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.