ڪوٽڙي (رپورٽر) ڄامشوري ۾ پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙڻ جي دعويٰ  ڪئي وئي آهي. پوليس موجب حيدرآباد باء پاس وٽان ٽويوٽا ڪرولا ڪار مان وڏي تعداد ۾ نشي آوار سامان هٿيڪو ڪيو ويو، چيڪنگ دؤران ڪار کي روڪيو ويو ته ڪار ۾ مين پڙي ۽ گٽڪي ۾ استعمال  ٿيندڙ شين جا 24 ڀريل بيگ ھٿ ڪري پڪڙيا ويا، لطيف اباد واسي جھانزيب نالي جوابدار گرفتار ڪري ڪار پوليس جي تحويل ۾ ورتي وئي، جڏهن ته ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.