ڊگھڙي (ن پ ا) ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن گهرام بلوچ پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪجھه ڏينهن اڳ ڊگهڙي شهر ۾ ٽنڊوباگو روڊ تي پاڪستان پيسٽيسائيڊ جي دڪان تان ڀاڻ جا سيمپل وٺي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا هئا، جتان آيل رپورٽ موجب ڀاڻ غيرمعياري ثابت ٿيو، جنهن تي لاڳاپيل کاتي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڊگهڙي جي عدالت ۾ دڪان مالڪ ڊيلر عبدالحق راجپوت خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.