ڀان سيدآباد ( ن پ ا )ڀان سيدآباد ويجهو دادو تعلقي جي ڳوٺ الهرکيو لنڊ ۽ ڳوٺ رحيم لنڊ جي رهواسين خدا آباد پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو امام الدين لنڊ، دلمراد لنڊ، حاجي ڳهڻو لنڊ، محمد موسيٰ لنڊ، منظور لنڊ ۽ ٻين دانهيندي الزام هنيو ته خداآباد پوليس بااثر جي چوڻ تي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ايس ايچ او ابراهيم بوزدار مخالفن کان رشوت وٺي مختلف وقتن تي اسان تي جوا، ڊيوٽي اٽڪاءَ، پوليس مقابلي جا 4 ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي، اسان جي هڪ ڳوٺاڻي دوست علي لنڊ کي گرفتار ڪري بعد ۾ کيس 10 هزار رشوت وٺي آزاد ڪيو ويو، هنن چيو ته ايس ايچ او خدا آباد ابراهيم بوزدار بااثر جي ونگار وهندي اسان کي وڌيڪ ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اسين انتهائي مسڪين آهيون، ٻڪريون چاري ۽ هارپو ڪري پيٽ گذر ڪريون ٿا، پيٽ پاليون يا ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏيون؟ هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کي هٿ ٻڌي اپيل ڪئي ته خدا آباد پوليس جي ناانصافين جو نوٽيس وٺي ڪوڙا ڪيس خارج ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ اسين خداآباد ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪنداسين.