ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ميرپور فاريسٽ مائينر جي ٽٽل پل بابت عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ايريگيشن ڊويزن ميرپور ماٿيلو جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر خورشيد احمد کوکر کي سومر ڏينهن پنهنجي آفيس طلب ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل انجنيئر کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي جنهن جي جاچ بعد پل جي مرمت جي سلسلي ۾ قدم کنيا ويندا.