ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) منڇر ڍنڍ جا مهاڻا جديد دور ۾ به پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن، منڇرڍنڍ جي ڪناري تي لڳل آر او پلانٽ به پبلڪ هيلٿ ۽ ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي سبب ناڪاره بڻجي ويا آھن، جنهن سبب منڇر ڍنڍ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺ خان محمد ملاح سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ مٺي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ٻي طرف ڳوٺ خان محمد ملاح جي رهواسي ٻارن ۽ عورتن پاڻي کوٽ خلاف هٿن ۾ پاڻي خالي دلا ۽ ٻيا ٿانو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ارباب ملاح . قاسم ملاح، مسمات زينت ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ سبب کارو پاڻي واپرائي رهيا آهيون، جنهن سبب بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، پر شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن چيو ته چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي گم آهن، نوٽيس وٺي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.