ڪراچي (ڪامرس نيوز) ڊجيٽل ڪرنسي بٽ ڪوائن ۽ بين ڪرنسين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو وري گهٽتائي آئي آهي، ڇاڪاڻ ته چين ۾ بٽ ڪوائن خلاف ڪريڪ ڊائون جي خدشن ۾ اضافو ٿيو آهي، 30 ڊجيٽل ڪرنسين جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي. بٽ ڪوائن جي قيمت ۾ تيزي سان اضافو ٿيو هو ۽ ان جي قيمت 65 هزار ڊالر تائين پهچي وئي هئي، پر هاڻ ان جي قيمت ۾ 25 هزار ڊالرن تائين گهٽتائي ٿي آهي ۽ ان جي قيمت هن وقت 36 هزار ڊالرن کان وڌيڪ آهي.