ميهڙ (رپورٽ: پاويل جوڻيجو) ميهڙ ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي گهر جي ڀت ڀرواري گهر ۾ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3معصوم ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ نينگري سخت زخمي ٿي وئي. ان ڏس ۾ ميهڙ لڳ انڊس هاءِ وي تي گاهي مهيسر باءِ پاس روڊ وٽ روشن تارا اسڪول لڳ اشرف سومرو جي گهر جي ڇت کان مٿي ٺاهيل ڀت گلشير ڪولاچي جي گهر مٿان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس 14 سالن جو پٽ احمد علي ۽ ڀائٽيو13سالن جو دلاور پٽ نثار ڪولاچي، 12سالن جو عبدالنبي پٽ بخت علي ڪولاچي دٻجي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 15 سالن جي نينگري شمائله ڌيءَ بخت علي ڪولاچي سخت زخمي ٿي پئي، زخمي شمائله ڪولاچي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ داخل ڪرڻ کان پوءِ کيس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ريفر ڪيو ويو ،جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته هڪ ئي وقت 3معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ تي ميهڙ سميت فوتي ٻارڙن جي ڳوٺ فيض محمد ڪولاچي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو آهي جڏهن ته فوتي معصوم ٻارڙن جا وارث ٽنهي فوتي ٻارڙن جا مڙهه ميهڙ مان يوسي چارو جي ڳوٺ فيض محمد ڪولاچي کڻائي ويا.