حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته سنڌ ۾ بدامني جو وڏو سبب غير قانوني طور رهندڙ افغاني آهن. سيف سٽي منصوبو مڪمل نه ٿيڻ ۽ پوليس اهلڪارن جي کوٽ به بدامني جو سبب آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ڪو فيصلو ڪري ڇڏي ٿي ته ان تي عمل ضرور ٿيڻ گهرجي. حيدرآباد جي دوري دوران چيمبر آف ڪامرس ۾ واپارين کي خطاب ۽ پريس ڪلب ۾ ڪريس ڪانفرنس دوران گورنر چيو ته سندس ذاتي راءِ آهي ته هاڻي وقت فيصلي جو آهي. جيڪڏهن معاشي ايمرجنسي لڳي ته ان ۾ ڪو عيب نه آهي ڇاڪاڻ ته اسان هڪ ٻه ڊالر لاءِ دنيا جي سامهون هٿ ڦهيلائي رهيا آهيون. سڀ کان پهرين پاڪستان آهي ۽ پوءِ سياست توڙي ٻيون شيون ان لاءِ ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عمران خان جيترا معاهدا ڪيا اهي آءِ ايم ايف سان هجن يا طالبان سان پر هن هر معاهدي ۾ پنهنجي ضد رکي. سياسي جماعت جي اڳواڻ سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن ۽ پاڪستان کي معاشي توڙي معاشرتي طور بدنام ڪرڻ کيس ڪنهن جي ايجنڊا ٿي لڳي. هن چيو ته وزيراعظم ٿيندا ۽ لهندا رهن ٿا. پهريون ڀيرو ائين ٿيو جو ايجنڊا تحت ڪجهه شيون قوم تي مسلط ڪيون ويون جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. ڪامران ٽسوري چيو ته ملڪ مسئلن ۾ گهيريل آهي ڇاڪاڻ ته ڊالر ۽ پيٽرول جي قيمتن جي ڪا خبر ئي نٿي پوي. هي ماحول ۽ وقت سياست جو نه آهي ان لاءِ اسان کي هڪٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي. آدمشماري جي حوالي سان گورنر چيو ته شماريات کاتي جو ڪمشنر وٽس گورنر هائوس ۾ ملاقات لاءِ آيو هو جنهن سان هن جي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. ان دوران کانئس پهريون سوال اهو ڪيو ته آدمشماري ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڇو ناهي ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ان معاملي تي سوال اٿاري چڪيون آهن. گورنر چيو ته ڊجيٽل آدمشماري کي جاري رهڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته آئين ۽ قانون جو احترام اسان سڀني تي لاڳو آهي ان لاءِ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ کي ترجيحي ڏني وڃي.