لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پنهنجي تقريرن ۽ بيانن تي پيمرا جي پابندي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، عمران خان پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پيمرا اختيار اورانگهي پابندي لڳائي آهي، پيمرا جي پابندي آئين ۽ بُنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، عمران خان درخواست ۾ پيمرا کي ڌُر بڻايو، پابندي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا پڻ ڪئي آهي.