ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 169.25 رپين تي پهچي ويو، سون 500 رپيا سستو: ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾سون  500 رپيا لاٿ سان 111400 مان 110900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1550 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف  ڊالر 10پئسا واڌ سان 169.1 مان  169.25 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا واڌ سان 232.5 مان 233 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف  يورو پڻ 50 پئسن جي اضافي سان 199 مان 199.5 رپين تي پهتو .