پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ۾ دڪانن ٻاهران لڳل بجليءَ جا ميٽر چوري ٿيڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو، پنجن ڏينهن دوران 10 ميٽر چوري، سيپڪو عملي جي ملوث هئڻ جا چوٻول، لاڳاپيل عملدارن صارفن جي پريشاني دور ڪرڻ بجاءِ ڊمانڊ وٺڻ جو سلسلو شروع شروع ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب پريالوءِ پهريون ڀيرو رات جي وقت  ٿنڀن تي ۽ دڪانن ٻاهران لڳل بجليءَ جا ميٽر چوري ٿيڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو  آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب گذريل پنجن راتين دوران شهر جي مختلف علائقن مان 10 کان وڌيڪ شهرين مستري بدرالدين جماڻي، نصر الله جماڻي، استاد حبيب الله ميمڻ، قاضي شفيق، چمن لال، اڌم مل ۽ ٻين جي گهرن ۽ دڪانن ٻاهران ٿنڀن ۾ لڳل بجليءَ جا ميٽر چوري ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال بعد شهري ميٽر چوري ٿيڻ جي دانهن کڻي سيپڪو آفيس پهتا ته سيپڪو سب ڊويزن پريالوءِ جي ايس ڊي او توڙي سيپڪو عملي شهرين جي پريشاني دور ڪرڻ بدران کين في ميٽر جي مد ۾22 هزار رپيا ڊمانڊ جمع ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ويو. ٻئي پاسي شهرين ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بجلي ميٽرن جي چوريءَ ۾ سيپڪو عملو ملوث آهي. هوڏانهن ايس ڊي او سيپڪو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ميٽر چوري ٿيڻ واري معاملي جي  پريالوءِ ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي وئي آهي. ڊمانڊ جمع ڪرائيندڙ کي قانون موجب نوان ميٽر لڳائي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.