ڇا شيرازي سياسي طور ٻه ضلعا سنڀالي سگھندا؟

0
291
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

مشتاق سعيد سجاول مان لکي ٿو

اھا ٿورو وقت اڳ جي ئي ڳالھه آھي جو سجاول ضلعي جا با اثر سياسي گھراڻا، جيڪي روايتي طور ھميشه ھڪٻئي جا سياسي مخالف رھيا آھن، جن ۾ ملڪاڻي، لغاري، ارباب، بخاري ۽ شيرازي شامل آھن، اھي سڀ جا سڀ ڪنھن جادو جي اثر ھيٺ ھڪ ئي پارٽي، يعني پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ھڪ ئي ٻيڙي ۾ سوار ته ٿي پيا، پر سندن وچ ۾ ذھني ھم آھنگي نه ھجڻ ڪري، گڏ ھوندي به اندروني اختلافن جو نبيرو نه ڪري سگھيا پر ويتر سندن وچ ۾ ويڇا وڌي وڻ ٿي ويا ھئا، ميڊيا تي آيل خبرون شاھد آھن ته ڪڏھن شيرازين ۽ ملڪاڻين جا اختلاف منظر عام تي آيا، ته ڪڏھن وري ريحانا لغاري ۽ اربابن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿي پيون، ته وري ڪڏھن دڙي جا ارباب وزير ۽ ارباب رميز ھڪٻئي سان دلي طور ڇڊا ٿي بيھي رھيا، بحرحال وقت جڏھن مقامي سياست ۾ ٿورو ڦيرو آندو تڏھن سجاول ضلعي جي سياست ۾ به ھڪ اڄاتي خاموشي ڇائنجي وئي آھي، ٿي سگھي ٿو ته سندن وچ ۾ اندروني اختلاف اڃان به برقرار ھجن پر گذريل ڪجھه عرصي کان ھڪٻئي خلاف سندن بيان بازي ۽ ٻيون ڳالھيون جيڪي اختلافن کي ظاھر ڪري سگھن سي بند ٿي ويون آھن. اھڙي سياسي ماٺار کانپوءِ سياسي صورتحال تي نظر رکندڙ تجزئي نگارن کي ڪا لکڻ يا چوڻ جھڙي اختلافي ڳالھه ھٿ نه آئي، جنھن ڪري سجاول ضلعي جي ڪيترن ئي ماڻھن جي واتان اھي پيشنگويون ٻڌڻ ۾ آيون ته ھاڻي سڀئي پاڻ ۾ ڪنھن نه ڪنھن فارمولي تحت ٺھي ويا آھن. مبصرن جي اندازي موجب ھنن سياسي مخالف ماڻھن جي ماٺ ٿي وڃڻ جا ڪيترائي سبب ۽ سياسي فارمولا ٿي سگھن ٿا، پر ھڪ ڳالھه اھا پڻ ٻڌڻ ۾ آئي ته سمورين جھيڙيندڙ سياسي ڌرين کي ضلعي جون ٽائون ڪاميٽيون ورھائي ڏنيون ويون آھن، مبصرن موجب جاتي ۽ چوھڙ جمالي جون ٽائون ڪاميٽيون ملڪاڻين حوالي ڪيون ويون آھن، دڙي جي ٽائون ڪاميٽي اربابن کي ڏيج ۾ ڏني وئي آھي، جڏھن ته ميرپور بٺورو جي ٽائون ڪاميٽي ريحانا لغاري ۽ ھير سوھو جي حصي ۾ آئي آھي ۽ ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر واري ٽائون ڪاميٽي شيرازين جي ھٿ ھيٺ ڪئي وئي آھي. مبصرن جو بيان ڪيل ھي ٽائون ڪاميٽين وارو فارمولو واقعي به ايئن طئي ٿيل آھي يا نه؟ ان جو ڪو واضح ثبوت ته نه ملي سگھيو آھي، پر جيڪڏھن واقع اھا ڳالھه صحيح آھي ۽ سياسي اڳواڻ ٽائون ڪاميٽين جي ورھاست تي راضي ٿي ويا آھن ته پوءِ اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته آخر ٽائون ڪاميٽي ۾ به ڪا ڪرامت لڪل آھي، اھڙي ڪرامت جنھن سمورين سياسي ڌرين کي چپ ڪرائي ڇڏيو آھي. ٽائون ڪاميٽين ۾ اھا ڪھڙي ڪرامت آھي؟ سو ته ٽائون ڪاميٽي انتظاميا ۽ سياسي ڌرين کي ئي خبر ھوندي پر ڪجھه تجزئي نگارن جو خيال آھي ته رڳو معاملو ٽائون ڪاميٽين جو به ناھي پر ضلعي ۾ آفيسرن جي مقررين جو به وڏو عمل دخل آھي، جنھن اختلاف رکندڙن کي به في الحال خاموش ڪرائي ڇڏيو آھي. چيو پيو وڃي ته ھر سياسي ڌر جي حد ۾ ايس ايڇ او کان ويندي ڪجھه اھم عھدن تي ويٺل ڪامورا اتان جي مقامي سياسي ھمراھن جي مرضي جا مقرر ڪيا ويا آھن، جنھن ڪري اتي عوام جي بھتر خدمت ٿي رھي آھي ۽ سڀ سياسي ماڻھو به خوش ۽ خاموش آھن، ھاڻي جيڪڏھن ڳالھه ڪامورن جي مقرري جي آھي ته پوءِ وري به سرس حصو شيرازين کي ئي مليو آھي ڇو ته ضلعي تي مقرر ڪجھه مک آفيسر وري به شيرازين جا مقرر ڪرايل آھن، شايد اھو ان ڪري آھي جو پ پ قيادت سمجھندي ھوندي ته شيرازي چونڊن ۾ ٻين سڀني کي شڪست ڏيڻ جيتري سگھه رکن ٿا.
جڏھن اڃان سجاول کي ضلعي جو درجو نه مليو ھو، تڏھن ٺٽي ضلعي تي لڳاتار ڪيترن ئي سالن تائين حڪمراني ڪندڙ شيرازين، ضلعي کي سياسي طور اڳي ئي ٻن حصن ۾ ورھائي رکيو ھو، سنڌو درياءَ جي ڪپرن تي آباد ٻن جاڙن شھرن ٺٽو ۽ سجاول جو سياسي انتظام سنڀالڻ لاءِ جوڙيل حڪمت عملي تحت، ٺٽي واري علائقي جي ماڻھن جا ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ سيد اعجاز شاھه شيرازي موجود ھو ۽ سجاول واري پاسي وري شيرازي گروپ جو سربراھه اڳوڻو ضلعي ناظم شفقت شاھه شيرازي پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيو ھو، جڏھن سال 2013ع ۾ سنڌ حڪومت سجاول کي ضلعي جو درجو ڏيڻ لاءِ ھوم ورڪ ڪري رھي ھئي، تڏھن شيرازين ئي ٺٽي کي ٻن حصن ۾ ورھائي سجاول ضلعو ٺاھڻ جي مخالفت ڪئي ھئي، سياسي پنڊتن جو خيال آھي ته شيرازين ان ڪري مخالفت ڪئي ھوندي جو نئون ضلعو ٺاھڻ سان کين ٻن ضلعن تي حڪمراني برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ھا، بحرحال سجاول ضلعو ٺھي ويو ۽ ٺٽي واري پاسي اعجاز شاھه شيرازي پنھنجون سياسي خدمتون تيز ڪيون ۽ سجاول واري پاسي شفقت شاھه شيرازي سياسي صورتحال تي وڌيڪ ڌيان سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ شيرازي خاندان ٻنھي ضلعن تي پنھنجي سياسي حڪمراني برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رھيا. وقت گذرڻ لڳو ۽ سيد اعجاز شاھه شيرازي ھميشه لاءِ وڇڙي ويو، ھن وڇوڙي شيرازي خاندان کي صدمي ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ان بعد شيرازين لاءِ ھڪ نئون ٽاسڪ اڀري آيو ته ھاڻي ٺٽي ضلعي ۾ پنھنجي سياست کي ڪيئن مضبوط ڪجي؟ شيرازين جي ويجھن ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ھاڻي شفقت شاھه شيرازي ٺٽي ضلعي ۾ پنھنجون سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آھن ۽ اعجاز شاھه شيرازي جي وڇوڙي بعد سندس جاءِ تي شفقت شاھ ميدان ۾ لھي پيو آھي ۽ ساڳي وقت سجاول ضلعي جا گھڻا معاملا ھاڻي ايم اين اي اياز شاھه شيرازي ۽ ايم پي اي شاھه حسين شيرازي سنڀالي ٿو، اھڙي ريت ٻنھي ضلعن ۾ پنھنجو ووٽ بينڪ ۽ سياسي اثر برقرار رکڻ لاءِ، شيرازي خاندان ميدان ۾ لٿل آھي ۽ ووٽرن سان سندن ميل جول وڌي ويو آھي، اھڙي صورتحال ۾ مقامي تجزئي نگارن ۾ بحث شروع ٿي ويا آھن ته ڇا ھاڻي شيرازي ٻنھي ضلعن تي پنھنجو پراڻو ساڳيو سياسي اثر برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيندا يا نه؟ اڪثر ماڻھن جو خيال آھي ته شيرازي ٻنھي ضلعن تي اڳوڻو سياسي اثر برقرار رکڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويندا، ڇو ته ماضي جي تاريخ شاھد رھي آھي ته جھڙي ريت شيرازي خاندان عوام سان ميل جول رکي ٿو ۽ سندن ڪم ڪار ذاتي ڪوششن سان ڪرائي ٿو، اھڙي صلاحيت ڪنھن ٻي سياسي ڌر ۾ گھٽ نظر ٿي اچي، سجاول شھر ضلعي جو ھيڊ ڪوارٽر ھجڻ باوجود پ پ ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي، سجاول ۾ پنھنجي ڪا به بيٺڪ نه ٺاھي آھي، عام ماڻھن کي اھا شڪايت رھي آھي ته شيرازي آساني سان پنھنجي اوطاقن تي ملي وڃن ٿا پر ٻين اڳواڻن جو عام ماڻھن سان ملڻ ٿورو مشڪل ان ڪري به آھي جو ھو سجاول ۾ وقت نه ٿا ڏين، اھڙي صورتحال ۾ اڪثر ووٽر وري به شيرازين ڏانھن لاڙو رکن ٿا، بحرحال جيڪڏھن ٺٽي ۽ سجاول جي ٻين سياسي اڳواڻن عوامي سياست ۽ ميل جول توڙي عام ماڻھن جن ڪمن ڪارين لاءِ شيرازين جي طرز واري سياست اختيار ڪئي ته شيرازين لاءِ ڪجھه مشڪلاتون پيدا ٿي سگھن ٿيون پر جيڪڏھن انھن پنھنجون اڳوڻيون سياسي روايتون برقرار رکيون ته وري به شيرازي خاندان جي سياست ٻنھي ضلعن تي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڇائنجي ويندي، ھاڻي ڪھڙي ڌر پنھنجي عوامي سياست کي ڪيترو فعال ڪري سگھي آھي يا ڪري سگھندي؟ ان جو نتيجو ايندڙ عام چونڊن يا مڪاني چونڊن ۾ سڀني جي سامھون اچي ويندو.