پاڻي جي ورهاست ،کوٽ ۽ ان جو حل

0
258

12 اپريل تي يوسف ٽالپر جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا
1 : پاڻي جي ورهاست غلط پئي ٿئي جنهن کي درست ڪرڻ جي َضرورت آهي. ڪاميٽي ٽي رخي فارمولي کي رد ڪيو.
2: واپڊا پاران سنڌ بيراج وارو منصوبو سنڌ جي مفاد ۾ ناهي انهي تي واپڊا کي سنڌ حڪومت جون ڳالهيون مڃڻ کپن.
اچو ته مٿين ڳالهين جو تجزيو ڪيون:
1: پاڻي جي ورهاست غلط پئي ٿئي جنهن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪاميٽي ٽي رخي فارمولي کي رد ڪيو.
پاڻي جي ورهاست جي سلسلي ۾ يوسف ٽالپر صاحب چيو ته صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست غلط پئي ٿئي. جنهن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪاميٽي ٽي رخي فارمولي کي رد ڪيو هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻئي گڏجاڻي ۾ پاڪستان جي اٽارني جنرل کي گهرايو آهي، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ پاڻي جي ورهاست بابت صحيح رپورٽ کان لنوايو آهي، انهي کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان اٽارني جنرل کان پڇندا سين ته ڪهڙن سببن ڪري هن صحيح رپورٽ نه ڏني آهي. اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اڃان پيو آهي. جنهن کي فيصلو ڪرڻو آهي پر اها ڪائونسل فيصلو نٿي ڪري جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي به چونداسين ته انهي سلسلي ۾ فيصلو ڪري ۽ ٻڌائي ته فيصلي ڪرڻ ۾ ڪهڙيون رنڊڪون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي آبپاشي کاتي وارا عملدار جيڪي هن گڏجاڻي ۾ شريڪ هئا پاڻي ورهاست بابت احتجاج رڪارڊ ڪرايو .هنن وڌيڪ چيو ته ٽه رخي فارمولي ڪري سنڌ کي ان جو حق نه ٿو ملي.نه رڳو سنڌ کي بلڪهٻين ننڍن صوبن کي به انهي ڪري حق نٿو ملي.
2.واپڊا پاران سنڌ بيراج وارو منصوبو سنڌ جي مفاد ۾ ناهي. انهي بابت واپڊا وارن کي سنڌ جون ڳالهيون مڃڻ کپن.
وزير اعظم پاڪستان کي انهي سلسلي ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي. جنهن جي منظوري وزير اعظم ڏني. واپڊا وارن انهي انسيپن رپورٽ ڏني آهي جيڪا فز يبلٽي جو حصو آهي. وفاقي حڪومت انهي سلسلي ۾ فزيبلٽي رپورٽ لاءِ پئسا ڏيڻ جو چيو آهي ۽ تنهن کانپوءِ انهي تي عمل ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت پئسا به ڏيندي،
اهو منصوبو سنڌ جي گذريل اي ڊي پي ۾ هو جنهن سلسلي ۾ واپڊا سنڌ جي چيف مسنٽر سان گڏجاڻي ڪئي. جنهن ۾ چيئرمين واپڊا انهي منصوبي جا تفصيل ٻڌايا، جنهن کانپوءِ اڃان معاملو گڏيل مفادن ڪائونسل جي ڪورٽ ۾ آهي. جنهن جو فيصلو ٿيڻو آهي اهو ڪڏهن ٿيندو اڃان خنر ناهي، اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو آهي. گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي گڏجاڻي به اڪثر ملتوي ٿيندي رهي آهي.
3 : سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو
اهو سنڌ لاءِ تمام اهم آهي هوريان هوريان سنڌ جو پاڻي گهٽجي پيو ۽ اڃان گهٽبو جو تربيلا لٽجي ٿو پيو، جنهن ڪري سنڌ جو پاڻي ڏينهون ڏينهن گهٽجي پيو ۽ وقت گذرڻ سان اڃان وڌيڪ گهٽجي پيو وقت گذرڻ سان اڃان وڌيڪ گهٽبو .
سال 2017ع جي سروي مطابق سنڌ جو پاڻي گهٽجي پيو ٻئي پاسي منگلاڊيم مان سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي. جو ارسا وارن پاران تربيلا جي ليول گهٽ پئي ٿئي ۽ سنڌ کي نه رڳو خريف ۾ گهٽ پاڻي ملندو پر آڳاٽي خريف ۾ به پاڻي گهٽ ملندو، جنهن جو حل ڪڍڻ ضروري آهي.
انهي جا ٻيا آپشنز (متبادل) آهن جنهن ۾ صوبن جي شاخن جو پڪو ڪرڻ ، واٽر ڪورس کي پڪو ڪرڻ ۽ زمين کي ليول ڪرڻ ۽ اسپرنڪل ۽ ڊرپ جي چونڊ ٿئي سگهي ٿي .پر انهن ڪمن ۾ حڪومت سنڌ کي خرچ ڪرڻو پوندو ۽ انهي ۾ 50 کان 60 سال وقت لڳندو. جنهن لاءِ مٿيان آپشن سنڌ لاءِ ٺيڪ ناهن، ٻيو آپشن تربيلا مان لٽ ڪڍڻ جو آهي جيڪو هڪ خراب آپشن آهي، پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي گهٽجندڙ پاڻي لاءِ ڇا ڪجي؟ انهي جو حل ڀاشا ديا مير ڊيم ٺاهڻ آهي، وري انهي جو خرچ به وفاق ڪندو تنهن ڪري سنڌ سرڪار تي بار نه پوندو، تربيلا ڊيم مان لٽ ڪڍڻ جو مسئلو به ڏکيو آهي. جو انهي تي تمام گهڻو خرچ ايندو ٻئي پاسي ٻنهي پاسي 400 فوٽ اوچا جبل آهن.
ڪڍيل مٽي ڪٿي اڇلائي ويندي؟ تنهنڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي پاڻي لاءِ تربيلا مٿان ڀاشا ديا مير ڊيم ٺاهڻ آهي،جنهن تي مخالف ڌر جا ڪيترا اعتراض آهن.پهريون اهو ته ڀاشا ديا مير ڊيم زلزلي واري هنڌ ٺاهيو ويندو، جنهن ڪري انهي زلزلي واري وقت ان ڊيم کي نقصان ٿيندو، ٻيو اهو ته ڊيم ڪانڪريٽ جو ٺاهيو ويندو. جنهن جو نقصان ٿي سگهي ٿو. ٽيون اهو ته ڊيم جي ڪري شاهه ريشم کي وري ٺاهڻو پوندو جنهن تي تمام گهڻو خرچ ايندو. اهي سڀئي اعتراض بي بنياد آهن جو انهي مان سڀ اعتراض ڪوڙا آهن.
ڪالا باغ ڊيم سان ڀيٽ.
ڪالا باغ ڊيم پنجاب ۾ ٺاهيو ويندو جنهن ڪري پنجاب وارا ان ورڪنگ ۾ گڙٻڙ ڪري سگهن ٿا. وري انهي مان ٻه واهه ڪڍيا ويندا هڪڙو پنجاب لاءِ 4 ملين ايڪڙفوٽ ۽ ٻيو خيبر پختونخوا لاءِ چار ملين ايڪڙ فوٽ وارو.
خيبرپختونخوا صوبي جو مکيه اعتراض اهو آهي ته انهي ڪري اُتي سم ٿيندي ، اسڪارپ واري ايراضي خراب ٿيندي نوشهرو شهر ٻڏندو اهي ٻه برجستا اعتراض آهن تنهنڪري تمام سٺو آپشن ڀاشا ديا مير ڊيم ٺاهڻ آهي، اُتي ٻنهي پاسي زرعي زمين ئي ڪونهي وري اُتان واهه نه نڪري سگهندا، جيستائين خيبر پختونخوا صوبي جو واسطو آهي مٿيان سڀ مسئلا ڀاشا ڊيم ۾ پيدا نه ٿيندا.
تنهنڪري بهترين آپشن ڀاشا ديا مير ڊيم ٺاهڻ آهي.
ڇا سنڌ وارن کي پاڻي نه کپي، انهن کي پاڻي تڏهن ملي سگهندو جڏهن ديا مير ڀاشا ڊيم ٺاهيو وڃي. سنڌ ۾ مخالف ڌريون انهي ڊيم ٺاهڻ تي اعتراض ڪن ٿيون. جيڪا صحيح ڳالهه ناهي. سنڌ جي پاڻي کوٽ مسئلن جو حل ڀاشا ڊيم ٺاهڻ آهي جيڪڏهن اهو نه ٺهيو ته سنڌ کي زمين لاءِ پاڻي نه ملندو، پوءِ سنڌ وارن جي حالت ڇا ٿيندي؟ اوهان پاڻ سوچي سگهون ٿا.