انتها پسندي وارن روين ۾ تبديلي ڪيئن آڻجي؟

0
579

انتها پسندي اهڙي خطرناڪ باھه آهي جيڪا پوري سماج کي ساڙي رک ڪري سگهي ٿي، اها هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي تي ڪيرايل ايٽم بم جهڙي خطرناڪ آهي جنهن جا اثر صدين تائين رهن ٿا. انتها پسندي رڳو مذهبي نه ٿي هجي، انتها پسندي اهڙي سوچ آهي جيڪا عقل، دليل ۽ ادراڪ جي نفي ڪري ٿي، جتي عقل، دليل ۽ منطق هوندو اتي انتها پسندي واري سوچ بيهي نه سگهندي. حقيقت ۾ انتها پسندي جهالت جي ڪُک مان جنم وٺي ٿي ۽ جاهلاڻي سوچ سان وڌي ويجهي ٿي. جڏهن اها پنهنجي پوري جوڀن کي رسي ٿي ته سماج ۾ انتشار جي باھه ڀڙڪائي ٿي جنهن سان انساني سماج سخت ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿئي ٿو.
اسان جو سماج اڳ ۾ ئي لاتعداد سماجي، اقتصادي توڙي نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهي، لاقانونيت، بک ۽ بيروزگاري جو عذاب الڳ اسان جي اجتماعي زندگيءَ کي پريشانين جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي مٿان وري انتها پسندي اسان جي سماج لاءِ اڏوهي ثابت ٿي رهي آهي. انهي صورتحال ۾ تبديلي يا بهتري نه آئي ته اسين ايندڙ ٿوري وقت ۾ پنهنجو گهڻو ڪجھه وڃائي ويهنداسين. ايئن به ناهي ته انتها پسندي جو عذاب رڳو اسان وٽ آهي پر ٻي دنيا ۾ اسان جي ڀيٽ ۾ هڪ ته اها گهٽ آهي ٻي ڳالھه ته اتي اهڙي قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رياست، حڪومت ۽ سڄاڻ ڌريون پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني نڀائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.
اسان وٽ ايرو غيرو نٿو خيرو بنا ڪجھه سمجهڻ جي اهڙيون خبرون ويٺو ڪري جنهن جو عقل ۽ حقيقت جو پري پري تائين ڪو واسطو ناهي، مٿان وري ماڻهن جي اڪثريت ڳالھه جي تصديق ڪرڻ کان سواءِ نه رڳو ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃي ٿي پر فتوائون به جاري ڪري ڇڏي ٿي.
ڪجھه عرصي کان سوشل ميڊيا تي اهڙا لقاءُ ڏسڻ ۾ آيا آهن جو افسوس ٿو ٿئي ته اسين اڃان تائين شين جي صحيح استعمال وارو هنر سکي ناهيون سگهيا، رڍن جيان قطار ۾ بنا ڪنهن ڄاڻ جي هلندا رهون ٿا. اهو رويو ايترو ئي خطرناڪ آهي جيترو بنا حدف جي ڇوڙيل ميزائل.
دنيا ۾ سڀني معاملن جي پرک عقل ۽ فهم جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي، جتي به معاملا عقل، فھم ۽ منطق بجائي انڌي تقليد جي بنياد پرکيا ويندا اتي ڪا به بهتري ممڪن ئي نه ٿي بڻجي سگهي. اسين ڀلي سائنس کي نه مڃيندا هجون پوءِ هر حقيقت جو تعلق عقلي دليل سان ئي سلهاڙيل آهي،الله سائين جي ڪلام قرآن شريف ۾ “علم ۽ تحقيق” تي زور ڏنو ويو آهي، سڀني الهامي ڪتابن ۾ جهالت ۽ انتها پسندي کي ننديو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ ته واضح طور چيو ويو آهي ته “تنهنجو دين توسان منهنجو دين مون سان” قرآن پاڪ سڀ ڪجھه واضح ڪري ڇڏيو آهي، اسان جو الميو اهو آهي ته اسين قرآن پاڪ کي دل جي اک سان نه ٿا پڙهون. زندگي، معاشرت، انسان جي ڪردار ۽ معاملن کي سمجهڻ لاءِ قرآن شريف واضح رستو ٻُڌائي ٿو.
هونئن ته اسين هر ننڍي وڏي ڳالھه تي چيمپئن بڻجي وڃون ٿا ۽ هر معاملي ۾ مذهب جي ڳالھه ڪيون ٿا پر مذهب جي حقيقي پيغام ۽ روح تي ٿورو به عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، ڇا اها خراب ڳالھه ناهي؟ مذهب ۾ ته ايتري همه گيريت آهي جو ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان به حُسنِ سلوڪ تي زور ڏنو ويو آهي.
رسول الله ﷺ جن جو فرمان آهي ته “جنهن جي هٿ جي اشاري سان به ڪنهن کي تڪليف پهچي ٿي ته اهو مومن ٿي نه ٿو سگهي” اسين پنهنجي سوچ ۽ رويي سان روزانو ڇا ڇا ڪندا رهون ٿا، ڪڏهن ان ڳالھه تي ڪنهن غور ڪيو آهي؟
سڀئي مذهب انسانيت ۽ رواداري جو درس ڏين ٿا، معاملو ننڍو هجي يا وڏو پر ان کي نبيرڻ لاءِ عقلي دليل،  ۽ حقيقت پسندي جو هئڻ ضروري آهي. انتشار جو رستو جهالت جو رستو آهي، انتها پسندي ڪهڙي به قسم جي هجي اها جهالت ۽ انسان دشمني جي دائري ۾ اچي ٿي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي عقلِ ڪُل هئڻ جون دعوائون ڪري ٿو ۽ ٻين کي گهٽ عقل وارو سمجهي ٿو ته اها به انتها پسندي آهي، هر ماڻهو وٽ مختلف صلاحيتون آهن، ڪير به ڪنهن کي پاڻ کان گهٽ سمجهي ٿو حقيقت ۾ هو پنهنجي ڪوتاھه نظري ۽ جهالت ثابت ڪري ٿو. زندگيءَ جي سفر ۾ انسان هر وقت سکندو رهي ٿو، پاڻ کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عقلمند سمجهندڙ حقيقت ۾ پنهنجي لاءِ سکڻ وارا دروازا بند ڪري ڇڏين ٿا. دنيا جا وڏا وڏا عالم به اهو دُهرائيندا رهن ٿا ته هو اڃان سِکي رهيا آهن.
ايئن بلڪل ناهي ته پاڻ کي عقلمند يا صحيح سمجهندڙ سڀئي ماڻهو ان حقيقت کان واقف ناهن ته هو غلط آهن پر هو پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ ان موقف تي بيٺل رهن ٿا، اهڙا رويا جهالت سان گڏوگڏ منافقت واري دائري ۾ به اچن ٿا.
روشن خيالي ۽ انسان دوستي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، ممڪن آهي ته مختلف ماڻهن وٽ روشن خيالي ۽ انسان دوستي جو الڳ الڳ تصور هجي پر آئون حقيقي روشن خيالي ان کي سمجهان ٿو جيڪا عقل، دليل، سچائي، ثابت قدمي ۽ انصاف جي بنياد تي بيٺل هجي ۽ منهنجي نظر ۾ حقيقي انسان دوستي اها آهي جيڪا بنان ڪنهن متڀيد، بنا ڪنهن تعصب ۽ بغير مفادن جي بنياد تي بيٺل هجي.
منهنجو ايمان آهي ته روشن خيال ۽ انسان دوست ماڻهو ڪڏهن به انتها پسند ٿي نه ٿو سگهي، انهي تصور جي بنياد تي اسان کي نه رڳو پنهنجو پر پنهنجي آسپاس رهندڙ ماڻهن جو به تجزيو ڪرڻو پوندو ۽ نتيجن تي پهچڻ سان گڏوگڏ هر قسم جي انتها پسندي جي خاتمي لاءِ پنهنجو حصي جو ڪم به ڪرڻو پوندو. روشن خيال ۽ انسان دوست ماڻهن جو سماج ڏانهن ذميوار هئڻ به ضروري آهي.