حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري رفيق احمد ٻرڙو ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد کي ھدايت ڪئي آهي ته سمورن آفيسرن ۽ عملي جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته ڊويزن جا سمورا ضلعي آفيسر حڪومت پاران جاري ڪيل فلاح ۽ بھبود جي اسڪيمن ۽ ترقياتي منصوبن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ھينڊ آئوٽ سان گڏوگڏ آرٽيڪلز ۽ وڊيو ڊاڪيومينٽريز به تيار ڪن ته جيئن عوام کي ڄاڻ ملي سگهي ته حڪومت ترقياتي حوالي سان ڪهڙا ڪم ڪري رهي آهي. اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري رفيق احمد ٻرڙو اوچتو حيدرآباد پهچي اطلاعات کاتي جي نئين تعمير ٿيل بلڊنگ جو دورو ڪيو. دوري دوران هن سوائي خان ڇلگري کي هدايت ڪئي ته ھو سمورن ضلعي آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪري ته اهي پنهنجن پنهنجن ضلعن جا مڪمل تفصيلي پروفائيل تيار ڪن جن ۾ ضلعن متعلق تاريخي، ثقافتي، سماجي ۽ معاشي صورتحال جي باري ۾ ڄاڻ هجي ته جيئن سياحن ۽ ملڪ جي مختلف حصن مان ايندڙ ماڻھن کي ضلعن بابت تفصيلي آگاهي ملي سگھي. ھن چيو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ عملي کي تعريفي سندون ۽ انعام ڏنا وڃن ته جيئن آفيسرن جي حوصلا افزائي ٿي سگھي. ان موقعي تي ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات سوائي خان ڇلگري سيڪريٽري اطلاعات کي نئين تعمير ٿيل بلڊنگ جي مختلف شعبن جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ آفيسرن جي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. ان موقعي تي فوٽوگرافرز، ٽيليڪس آپريٽرز ۽ نائب قاصدن سميت ٻئي عملي سيڪريٽري اطلاعات کي پنهنجن مسئلن بابت آگاھ ڪيو جنهن تي سيڪريٽري چيو ته عملي جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.