ڇا تڪراري گريٽر ٿل ڪينال ٺهي سگهندو؟

0
187
آر بي او ڊي واري منصوبي ۾رنڊڪون ۽ رڪاوٽون

 اڄڪلهه “پنهنجي اخبار” ۾ چئن ڏينهن کان گريٽر ٿل ڪينال بابت خبرون اچي رهيون آهن. جنهن ۾ مکيه ڳالهه اها آهي ته پنجاب وارا اهو ڪينال ٺاهڻ گهرن ٿا ۽ سنڌ وارا اعتراض ٿا ڪن. سڄو فيصلو ايڪنڪ کي ڪرڻو آهي.

سنڌ وارن جا اعتراض:

منهنجي خيال ۾ گريٽر ٿل ڪينال فيز2 انهي ڪري نٿو ٺهي سگهي جو 1991ع واري پاڻي معاهدي ۾ انهي جو ذڪر ئي نه ڪونهي. معنيٰ انهي معاهدي ۾ ان جي  allocation  نل Nil آهي. پاڻي معاهدي ۾ گريٽر ٿل ڪينال فيز 1 جي allocation  آهي پر اها رڳو وڌ ۾ وڌ 5900 ڪيوسڪ آهي، جنهن کان وڌيڪ لاءِ هو فيز ون ٺاهي ويا آهن. جنهن شيءَ جي پاڻي معاهدي ۾  allocation ئي ناهي اهو ڪيئن ٿو ٺاهي سگهجي؟

پاڻي معاهدي ۾ سنڌ جا هيٺيان اعتراض آهن:

  • ورهاست ٺاهه جي شق 2 مطابق نٿي ٿئي. جيتوڻيڪ پاڪستان جي اٽارني جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ اهو چيو آهي ته ٺاهه صوبن ۾ پاڻي ورهاست ٺاهه جي شق 2 مطابق ٿيڻ کپي.
  • وري منگلا ڊيم مان سنڌ وارن کي کوٽ وقت پاڻي نٿو ڏنو وڃي ۽ ايندڙ ربيع لاءِ منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪيو وڃي ٿو، جيڪو غلط آهي.
  • سنڌو درياهه مان سنڌ کي کوٽ واري وقت ۾ چشما- جهلم ۽ تونسا- پنجند لنڪن ذريعي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. اهو انهن ايراضين لاءِ ڏنو وڃي ٿو جيڪي اڳ ۾ ستلج، بياس ۽ راوي درياهن تي آباد ٿينديون هيون.

مان پنهنجي هڪ مضمون ۾ جيڪو 28 ڊسمبر 2021ع تي ڇپيو هو اهو ٻڌايو هو ته هر ڪنهن پاڻي جي نظام جون ٻه ڌريون ٿين ٿيون. هڪڙي مٿين ڌر  Upper reparian۽ ٻي هيٺين ڌر Lower riparian. مٿين ڌر جي ڪوشش هوندي آهي ته وڌ ۾ وڌ پاڻي کڻي، ڀلي هيٺين ڌر سڪي. مٿين ڌر جو خيال هوندو آهي ته جيڪو پاڻي هيٺ لنگهي ويو اهو هنن جي ڪم ته نه آيو بلڪه ذيان ٿي ويو ۽ موٽائي نٿو سگهجي. انهي کي موٽائڻ ناممڪن آهي. جيڪو وهي ويو سو وهي ويو. اصول ڇا ٿيڻ کپي؟ ته ٻنهي ڌرين کي حصي مطابق پاڻي ملي. وري اهو به ممڪن ناهي جو مٿين ڌر لالچ ۽ حوص ڪري ايئن نه ڪري سگهندي. پوءِ ڇا ڪجي؟ ڪو اهڙو ادارو هجي جيڪو ٻنهي ڌرين کي چيڪ ڪري سگهي. اسان جي ڪيس ۾ اهو ادارو ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ آهي. پر انهي لاءِ شرط اهو آهي ته سنڌ وارا انهي بابت لکت ۾ ڏين ته اسان جو هي اعتراض آهي. مون جيڪا جاچ ڪئي آهي ته اڃا تائين سنڌ وارن سي سي آءِ کي اهو لکت ۾ نه ڏنو آهي.

گريٽر ٿل ڪينال ٺهڻ جو سنڌ تي اثر:

سنڌ تي اهو اثر ٿيندو ته گريٽر ٿل ڪينال ٺهڻ ڪري سنڌ وارن کي گهٽ پاڻي ملندو. سنڌ وارن جو روزگار متاثر ٿيندو. ۽ ماڻهو روزگار لاءِ شهرن ڏي لڏ پلاڻ ڪندا. پوءِ ڇا ڪجي؟

اسان کي هيٺيان اپاءُ وٺڻ گهرجن:

  • سي سي آءِ کي ليٽر لکون ته جلد صوبن ۾ پاڻي ورهاست جو فيصلو ڪري.
  • انهن منصوبن ٺهڻ ڪري سنڌ ۾ پاڻي گهٽ ايندو ۽ فصل گهٽ ٿيندا.
  • سنڌ وارن کي انهن منصوبن ٺهڻ جي مخالفت ڪرڻ گهرجي.
  • سي سي آءِ کان پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرايون.

منهنجي خيال ۾ سنڌ جا پاڻي ورهاست جا مسئلا حل ٿي ويندا. پر چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ٿيندا آهن. سنڌ وارا غريب آهن ۽ پنجاب وارا ڏاڍا. جنهن ڪري پاڻي جي ورهاست صحيح نه ٿي سگهندي ۽ صوبن ۾ پاڻي جي ورهاست ايئن ئي ٿيندي رهندي. پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 14 (ڊي) ۾ آهي ته صوبا پنهنجي حصي جو پاڻي جهڙي طرح چاهين استعمال ڪري سگهن ٿا. اها شق انگريزي ۾ هيٺين ريت آهي:

14(d) The provinces have freedom within their allocation to modify system wise and period wise uses.

پنجاب وارا چئي سگهن ٿا ته اسان پنهنجي حصي جو پاڻي جهڙي نموني ۾ چاهيون استعمال ڪري سگهون ٿا. برابر هو ڪري سگهن ٿا پر ڇا نئين ايراضي کي آباد ڪرڻ لاءِ هو ٻي ايراضي سڪائيندا؟ مان سمجهان ٿو ته اهو ممڪن ناهي. ته  هو نئين ايراضي آباد نٿا ڪري سگهن. پوءِ گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو لاءِ ڪٿان پاڻي آڻيندا؟ ايئن نٿو ٿي سگهي. معنيٰ هو نئين ايراضي آباد نٿا ڪري سگهن.