ڏکويل ماٿري تي قبضو

0
162
مهين جي دڙي جي کوٽائي جا سو سال ۽ رازن تي پيل پردو

  سنڌ ۾ هيرو سمجهئي ويندڙ جان جيڪب جي ڪلورن جي ڪهاڻي به خوفناڪ آهي. انگريزن کي ٽف ٽائيم ڏيندڙ جکراڻين جا گهوڙا نيپيئر جي چوڻ تي کانئن ڦري وڪيا ويا. انهن کي ڦورو ڊڪليئر ڪيو ويو ۽ پوءِ جيڪب جي هڪ آفيسر ميڪنزي Mackenzie بنگالي فوجن سان انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ويو ته هن انگريزن جي انفارمر ميرل ڪوش جي برادريءَ جي ئي بي هٿيار معصوم هارين ۽ مزدورن کي بي درديءَ سان قتل ڪيو جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل هيون. سٺ کان مٿي ماڻهو ماريا ويا، پهريائين ٽيهن کان مٿي حملو ڪري ۽ بعد ۾ جيڪي زخمي ٻاڏائيندا رهيا انهن کي تلوارن سان قتل ڪيو ويو. Instead, the soldiers cut the throats of those who got up. (p.163) ان کانسواءِ هن بڙدين خلاف به خوني ڪارروايون ڪيون. جڏهن ميڪنزي تي ڪيس هليو ته جج ڪيٿ Kieth Young ڪيس جي پڄاڻي تي چيو:  There is no doubt of several of our villages having been cut up by Mackenzie’s Horse. (p.164)ان مان جيڪب پاڻ کي آجو ظاهر ڪيو. ميڪنزي جي رڳو بدلي ٿي ۽ ڪجهه وقت بعد هڪ وڏي ڪارروائي ٿي ۽ جان جيڪب جي موڪليل فوجن 1847ع ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ بگٽي قتل ڪيا. لاگ بوڪ ۾ جن جو تعداد 560 ڄاڻايل آهي پر جيڪب جا ڪُڪ جيڪي ڳجها خط ظاهر ڪيا ۽ سنڌ جي ڪمشنر آر ڪي پرنگل جي جاچ ڏني آهي ان ۾ مٿي ماڻهو لکيا آهن. سندس رپورٽ موجب 1025 قتل ٿيل ماڻهن ۾ عورتون، ٻار ٻڍا ۽ جوان شامل هئا، رڳو ٻه ڄڻا ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڪارروائي ڪندڙ جي اڳواڻي ليفٽننٽ ڊبليو ينگهسبنڊ ڪئي. ان ڪيس مان جان جيڪب کي آئوٽرام بچايو.

ڪتاب جي ان باب ۾ انگريزن جي سنڌ ۾ حڪمراني ۽ انصاف جا وکا پڌرا ڪيا ويا آهن. ڪُڪ جو خيال آهي ته سنڌ ۾ ان دهشت واري حڪمراني ۾فوج ۽ ڪمپني جو ڳٺ جوڙ شامل هو. In Sindh, the ‘terror’ of colonial force was at odds with the Company’s emphasis on just governance through coded law. (p.183)سنڌ سان ظلمن بعد 1857ع ۾ وري جان جيڪب جي ڀاءُ فلپ انگريز سرڪار کي لکيو ته: “هن خطي ۾ حڪمراني جبر سان نه ٿا ڪري سگهون، ان لاءِ سماجي ۽ ثقافتي رويا اختيار ڪرڻا پوندا.” ڪُڪ موجب ان دهشت جو مقصد سنڌ مان فوجي ڏاڍ وسيلي ٽيڪس جي صورت ۾ پيسا ميڙڻ هئا. نيپيئر انگريز جنرلن جان جيڪب، ميڪنزي ۽ مرويدر وسيلي فورس جو استعمال ڪيو، اهو سڀ ڪمپني جي ڳجهن ڪوڊز (رمزن) وسيلي ٿيو جو هنن جا ارادا اڳ ئي طئي ٿيل هئا. نيپيئر سنڌ ۾ بيٺڪيتي راڄ کي برطانيا جي ٻين بيٺڪيتن کان گهڻو مٿانهون ٿي سمجهيو. ڳجهن خطن مان سنڌ جي شاهوڪاري ۽ هٿ آيل خزانن جا به ذڪر شامل آهن. ميٿيو اي. ڪُڪ 1843ع ۾ سنڌ تي قبضي بعد انگريزن جي ڦرلٽ جا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا لکيا آهن. هن حيدرآباد مان هٿ آيل دولت جا انگ اکر ڏنا آهن ته سون ۽ رقم ايتري ڦري وئي جو اها پنجن ڇهن سالن جي بجيٽ برابر هئي. نيپيئر انگريزن جي حيدرآباد مان ڦرلٽ ٿيل مال جي جيڪا لسٽ موڪلي ان ۾ عورتن جا ٽِڪا، نٿون، قرآن پاڪ توڙي ٻين مذهبي ڪتابن جا نسخا، عورتاڻا ۽ ٻارن جا قيمتي لٽا وغيرهه شامل هئا.

اهڙي ڦرلٽ تي جان جيڪب سميت ڪجهه انگريز جنرلن جا شرمندگيءَ وارا خط به سامهون آندا اٿائين. هن نيپيئر جو هڪ خط سامهون آندو آهي جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته:“حيدرآباد جي عورتن ان ڪري سڀ ڪجهه ڏنو جو هنن کي ڀئو هو ته ڪمپني جا آفيسر ساڻن جنسي ڏاڍائي نه ڪن.” (صفحو: 193) حيدرآباد ۾ ماڻهن جو گهريلو سامان به وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويو جن ۾ ڪپڙا لٽا، فرنيچر ۽ ٿانو به شامل هئا، اميرن جي عورتن جو سامان نيلام ڪيو ويو. هڪ عملدار رچرڊسن جو خط ڏنل آهي ته انهن جون شلوارون ۽ جتيون، ويهاڻا ۽ چادرون به نيلامي ۾ وڪيون ويون. اها نيلامي ڪيتري وقت تائين روزانو جي بنياد تي ٿيندي هئي ۽ خريدار انگريز عملدار ئي هوندا هئا.

ڪتاب جي چوٿين باب ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ بورڊ آف ڪائونسل جي سنڌ ۾ تضادن جي حوالي سان ڳالهيون لکيل آهن. ان ۾ آئوٽرام ۽ نيپيئر وچ ۾ هڪ ٻئي خلاف سازشن ۽ سياست جا پردا وڌيڪ چٽا کلن ٿا. ڪُڪ جو اهو به خيال آهي ته سنڌ تي قبضي جي حوالي سان ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ تضاد هو ۽ انهن مان ڪي ان حق ۾ نه هئا. هُو لکي ٿو ته جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊائريڪٽر هينري جارج اهو ٻڌو ته سنڌ تي قبضو ڪيو ويو آهي ته هُو انڊيا جي گورنر جنرل ايلنبرو تي ڪاوڙجي پيو ۽ ان جي سخت مذمت ڪيائين. هن کيس “ظالم، جابر ۽ ٺڳ” سڏيو. گڏو گڏ نيپيئر ۽ آئوٽرام جي سنڌ تي قبضي بابت ڇپيل ڪتابن تي پيدا ٿيل تضاد جا اندروني واقعا ۽ لڪل خطن جا حوالا ڏنل آهن.

ان جهيڙي جي شدت به بيان ڪئي اٿائين ۽ نتيجي ۾ چارلس نيپيئر سنڌ جي گورنر جي عهدي تان 1847ع ۾ استيعفا ڏئي ٿو. ڪُڪ تجزئي واري حصي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ تي قبضي سان برطانيا معاشي بحران مان نڪتو. هن انگريزن جي نظر سان ان قبضي کي انتهائي اهم ترين قرار ڏنو آهي جيئن صفحي نمبر 258 تي لکي ٿو: “اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاران سنڌ تي قبضو برطانوي بيٺڪيت ۾ تبديلي جو مُک ترين موڙ هو.” سندس خيال هو ته اوڌ واري فتح توڙي 1857ع واري آزادي جي جنگ ۾ سندن سوڀ سنڌ تي قبضي جو ئي نتيجو هئي. هن اهو اشارو سنڌ جي هٿ ڪيل دولت ۽ ساليانو حاصل ٿيندڙ ٽيڪسن جي حوالي سان تجزيو ڪندي ڏنو آهي. جڏهن ته سنڌ بابت انگريزن جو هڪ ٻئي سان ۽ ميرن سان لک پڙهه جي حوالي سان ريڪارڊ جا ڏس به ڏنا آهن ته اهو ڪٿي موجود آهي. 1847ع تائين نيپيئر جي تسلط ۽ بيٺڪيت جا جيڪي هن وکا پڌرا ڪيا آهن اهي سنڌ سميت دنيا جي ان ڏاهپ لاءِ آئينو آهن جيڪي سنڌ جي انگريزن وٽ هڪ سو چار سالن جي غلامي مٿان ڪجهه ترقياتي اسڪيمن کي مها ڪم سمجهندا آهن.      (پورو ٿيو)