ڪـمـپائـونـڊ اِفـيـڪـٽ

0
268
مـاڻـهو پـنـهـنـجـن دوستــن جـو آئـيـنو آهـي!

 شطرنج جي راند جڏهن ايجاد ٿي هئي ته راتو رات مشهور ٿي وئي ۽ ملڪ جي بادشاهه تائين پهتي. بادشاهه اها راند کيڏي ته کيس ڏاڍي پسند آئي. حڪم ڪيائين ته جنهن به هي راند ٺاهي آهي، اُن کي درٻار ۾ پيش ڪيو وڃي. راند ٺاهيندڙ کي بادشاهه جي درٻار ۾ آندو ويو. وڏي آڌرڀاءُ ۽ سندسن خاطر تواضع کان پوءِ بادشاهه فرمايو: “مون کي تنهنجي ٺاهيل شطرنج راند بيحد پسند آئي آهي ۽ مان توکي انعام ڏيڻ چاهيان ٿو، ٻڌاءِ توکي ڇا گھرجي؟” راند ٺاهيندڙ شخص شڪريو ادا ڪندي چيو ته: “سائين، مون کي ڪڻڪ گھرجي، پر ان جي تعداد جو فامولو منهنجي مرضيءَ موجب هوندو، اهو فارمولو هيءُ آهي ته شطرنج جي راند ۾ ڪُل 64 خانا آهن، پهرئين خاني ۾ ڪڻڪ جو هڪ داڻو رکيو وڃي، ٻئي خاني ۾ ٻه داڻا، ٽئين خاني ۾ چار داڻا، چوٿين ۾ اٺَ، پنجين ۾ سورنهن، اهڙي طرح هر ايندڙ خاني ۾ پوئين خاني جي داڻن کان ٻيڻا داڻا رکيا وڃن.“

 درٻار ۾ موجود حاضرين حيران ٿيا. وزير چيس: “بيوقوف، بادشاهه سلامت کان سونيون اشرفيون گھُر، هيرا جواهر گُھر يا ٻيو ڪو مال ملڪيت جي طلب ڪر، هي تون ڇا گُھري رهيو آهين؟” راند ٺاهيندڙ شخص چيو ته “بس مون کي اهو ئي گھرجي”. بادشاهه حڪم ڪيو هِن پاگل شخص جي خواهش پوري ڪئي وڃي. حڪم جي تعميل لاءِ بندوبست ڪيو ويو. شطرنج جي خانن ۾ شرط موجب داڻا رکيا پئي ويا. پهرين ڏهن پندرهن خانن جي ڀرجڻ تائين ماڻهو مشڪريون ڪندا ۽ کلندارهيا. جڏهن چاليهين خاني کان ٽپيا ته ماڻهو خاموش ٿيندا ويا. پنجاهين خاني تائين پهچندي سڀني جا هٿ مٿن تي اچي ويا. حساب ڪندڙ ڪڻڪ جي داڻن جو آخري يعني چوهٺ هين خاني جو حساب ٻڌايو ته اهو هزارين کربن کان مٿي هو، جنهن جو وزن ڪروڙين ميٽرڪ ٽنَ هو. سڄي ملڪ مان ڪڻڪ جا اسٽاڪ ختم ٿي ويا. ان کي چئبو آهي ’مرڪب اثر‘ (The Compound Effect) جيڪو پنهنجي جوهر ۾ ڪمال جو جادو رکي ٿو.

ساڳي نوعيت جو ٻيو مثال پيش آهي: توهان کي ڪوئي يڪمُشت ڏهه ڪروڙ روپيا ڏي يا ٻيو آپشن ڏئي ته يڪمُشت ڏهه ڪروڙن جي جاءِ تي سڄو مهينو روزانو ڪجهه رقم وٺو. پهرئين ڏينهن هڪ روپيو، ٻئي ڏينهن ٻه روپيا، ٽئين ڏينهن چار روپيا، چوٿين ڏينهن اٺ روپيا، پنجين ڏينهن سورهن روپيا. يعني هر ڏينهن گذريل ڏينهن واري رقم جو ڊبل. اهڙي طرح سان ان فارمولي موجب مهيني جا 31 ڏينهن تائين توهان کي رقم ملندي رهي. هاڻي ٻڌايو ته توهان يڪمُشت ڏهه ڪروڙ وٺندؤ يا پورو مهينو ان فارمولي موجب رقم وٺندؤ؟ هاڻي هتي ٿورو ترسو، هي مضمون مڪمل پوءِ ڪجو، پهريون اهو حساب ڪيو ته هر ڏينهن گذريل ڏينهن واري رقم جو ڊبل واري فارمولي موجب ايڪٽيهين ڏينهن تي ملندڙ رقم ڪيتري ٿيندي. اهو امائونٽ وڃي ٿيندو  (Rs. 1,073,741,824) يعني اکرين مبلغ هڪ ارب ٽيهتر ڪروڙ چوهتر لک هڪ هزار اٺ سؤ چوويهه روپيا. هاڻي ٻڌايو يڪمشت ڏهه ڪروڙ وٺندؤ‍ يا روزانو واري فارمولي جي رقم وٺندؤ؟ ان کي چئبو آهي ’مرڪب اثر‘ (The Compound Effect) جيڪو پنهنجي جوهر ۾ ڪمال جو جادو رکي ٿو.

بوٽن جي دوڪان تي بيٺل سيلز مين پگهار کان علاوه ٻه ٽي سؤ روپيا روز واڌو ڪمائيندو آهي، اُهي به بنا ڪنهن محنت جي. پڇو ڪيئن؟ بوٽ جي قيمت هوندي آهي 1999 روپيا. گراهڪ ٻه هزار ڏيندو آهي ۽ بچيل هڪ روپيو گھرندي شرمائيندو آهي ۽ سوچيندو آهي ته هڪ روپيو هڪ روپئي جي ڇا اهميت آهي. پر سيلز مين ڪمپيوٽر ۾ ٻه هزار نه بلڪه  1999 روپياچاڙهيندو آهي. اهڙي طرح سڄي ڏينهن ۾ هڪ هڪ روپئي جي ڪمپائونڊنگ ذريعي، رات تائين هُن جي ٻه ٽن سـوَن جي اضافي ڪمائي ٿي ويندي آهي.

جيڪڏهن توهان روزانو ڏهه پندرنهن صفحا پڙهڻ شروع ڪيو ۽ سال 365 ڏينهن مان 335  ڏينهن روزانو مطالعو ڪيو ته سال ۾ آرام سان، ڏيڍ پوڻا ٻه سؤ صفحن وارا پنجويهه کن ڪتاب پڙهي ويندؤ. سال تائين روزانو پندرنهن صفحا پڙهي پڙهي، مطالعو توهان جي عادت بڻجي ويندي ۽ پوءِ توهان  هر مهيني ۽ هر سال صفحن جو تعداد وڌائيندا، سٺ ستر صفحا روزانو پڙهو. صبح کان وٺي رات تائين، سڄي ڏينهن ۾ مختلف وقتن ۾ روزانو ستر صفحا پڙهي سگهجن ٿا، ڇو ته اڄڪلهه ڪتابن جون سافٽ ڪاپيون ۽ آڊيو ورشن توهان جي ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون ۾ به موجود آهن. اهڙي طرح توهان هر سال صفحن جو وڌائيندا سؤ صفحا روزانو تائين  جيڪڏهن پڙهڻ جي عادت اپنائي ورتي ته توهان نصابي  توڙي ٻي علمي ڄاڻ ۾ ڪٿي پهچي ويندا. جيڪڏهن توهان ٻارن ۾ اٺين درجي کان مطالعي جي ان فارمولي موجب ڪتاب پڙهڻ جي عادت وڌي ته ٻار ماسٽرس تائين هڪ هزار ڪتاب پڙهي چڪو هوندو. هاڻي اندازو ڪيو جيڪو نوجوان تعليم دوران ماسٽرس جي ڊگريءَ تائين هڪ هزار کان وڌيڪ ڪتاب پڙهي وٺي، ته هُو سـي ايـس ايـس سميت دنيا جي ڪهڙو امتحان يا ڪهڙي ٽيسٽ هوندي، جيڪا هُو پاس ڪري نه سگھندو؟ ان کي چوندا آهن :’ناليج ڪمپائونڊنگ‘.

’ڪمپائونڊ اِفيڪٽ‘ ڇا آهي؟ واري سوال جي جواب ۾ روايتي ۽ ڪتابي ڊيفينيشن جي چڪر ۾ نه ٿا پئون. بس ايترو سمجهي ڇڏيو ته زندگيءَ ۾ انتهائي معمولي ڪوششن سان معمولي تبديليون آڻي سگھجن ٿيون، جن جا معمولي نتيجا اسان کي خوش ناهن ڪندا پر ان معمولي ڪوششن کي مستقل بنيادن تي جاري رکڻ سان ايڏا ته وڏا ۽ زبردست نتيجا ملن ٿا، جن جو تصور به نه ڪبو آهي. هن فارمولي کي نوڪري، ڪاروبار سميت زندگيءَ جي وڏي کان وڏي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ روزمره جي هر معاملي ۾ غير معمولي نتيجا حاصل ڪرڻ استعمال ڪري سگھجي ٿو. ’ڪمپائونڊ اِفيڪٽ‘ جو مڪينـزم، شروع  ۾ هڪ عجيب مشڪري، وچ ۾ سخت مايوسي ۽ آخر جادوئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڳ مشهور سائنسدان ’ آئـن اسٽائـن‘ اِن کي دنيا جو اٺون عجوبو ڪوٺيو. ڪمپائينڊ اِفيڪٽ کي ’سنو بال اِفيڪٽ‘ ۽ ’ڊومينو اِفيڪٽ‘ پڻ سڏيو ويندو آهي.

جيڪڏهن توهان پنهنجو وزن گھٽائڻ چاهيو ٿا پر خوراڪ ۾ هڪدم ڪمي نه ٿا ڪري سگهو، ڇو ته يڪدم ٽِن مانين کي گھٽائي هڪ ڏيڍ مانيءَ تي اچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان صورت ۾’ڪمپائونڊ اِفيڪٽ‘ جو فارمولو بهترين حل آهي. هڪ مانيءَ جا 16 گرهه ڪيو ۽ اُن مان هڪ گرهه ڪڍي ڇڏيو ۽ باقي 15 گرهه کائي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن ٻه گرهه ڪڍي ڇڏيو باقي 14 گرهه کائي ڇڏيو، ساڳي طرح ٽئين ڏينهن 3 گرهه، چوٿين ڏينهن 4 گرهه، روزانو هڪ هڪ گرهه وڌائيندا، مانيءَ ۾ ڪڍندا وڃو. سترهين ڏينهن توهان جي خوراڪ ۾ پوري هڪ ماني گھٽ ٿي چڪي هوندي. ان ڪمپائونڊنگ ذريعي توهان 24 ڏينهن ۾ روز ڏيڍ مانيءَ تي اهڙي ته آرام سان ويندا جو اوهان کي محسوس به نه ٿيندو. هڪ انسان کي زنده رهڻ لاءِ روزانو هڪ ڏيڍ ماني ئي گھربل هوندي آهي. ڏيڍ ماني گھٽائڻ سان توهان جي خوراڪ مان 160ڪيلريز هميشه جي لاءِ گھٽجي ويون. اهڙي طرح نيرن، رات جي ماني ۽ سڄي ڏينهن جي ٻي غير ضروري فاسٽ فوڊ کي ان فارمولي سان انتهائي معمولي ڪمي آڻڻ سان توهان پنهنجي ’ڊيـلي نيوٽريـشن انـٽيـڪ‘ مان تقريبن چار کان پنج سؤ ڪيلريز کي روزانو گھٽائي سگهو ٿا. ’اِسٽينڊرڊ ڊائـٽـري پـرنسپـل‘ مطابق هڪ مهيني اندر، هڪ ڪلوگرام وزن گھٽائڻ لاءِ 770 ڪيلريز روز گھٽائڻ گھرجن. ساڳي طرح سگريٽ، پان، گٽڪو، سوپاري، شراب توڙي ٻيا نشا، چانهه، فاسٽ فوڊ ۽ ٻيون خراب عادتون ’ڪمپائونڊ اِفيڪٽ‘ ذريعي ختم ڪري سگھجن ٿيون.

اسان جي مشهور قومي عادت ۽ مزاج آهي ته اسان ننڍين شين، ننڍن ماڻهن، ننڍڙن خطرن يا نقصانن، ننڍين ڪاميابين ۽ ڪوششن کي نظرانداز ڪندا آهيون. اسان کي ڪاروبار ۾ زبردست منافعو هفتن ۽ مهينن ۾ کپندو آهي. ڪنهن بيماري جي علاج لاءِ دوائن جو ڪورس 6 مهينا هجي ۽ مريض مهيني کان پوءِ اهو چئي دوا کائڻ بند ڪري ڇڏي ته بيماري ته ساڳي آهي، دوا کائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ وزن گھٽائڻ خاطر روزانو ايڪسرسائيز، اٺَـن ڏينهن ۾ اهو چئي بند ڪري ڇڏي ته هڪ هفتي جي محنت کان پوءِ به اڃا تائين وزن ته ساڳيو ئي آهي. ڪـو دڪاندار، پنهنجو نئون کوليل دوڪان اهو چئي بند ڪري ڇڏي ته مهينو ڏيڍ گذري وڃڻ جي باوجود اڃا تائين هُو منافعو نه ٿو ڪمائي.

مشهور آمريڪي ليکڪ ڊيـرِن هارڊي (Darren Hardy) جو ڪتاب (The Compound Effect)  انهيءَ ڏِس ۾ اهم ريفرنس بُڪ آهي. ’هارڊي‘ انٽرنيٽ تي ’جمپ اسٽارٽ‘ نالي آن لائن ٽريننگ ڪورس پڻ ڪرائيندو آهي. هُن ننڍين ڪوششن سان وڏا نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڄڻ ته تحريڪ هلائي آهي. سندس فرم جي نعروPositioning Statement) ) ئي ڪجهه ان ريت آهي ته ’پنهنجي زندگيءَ ۾ مرڪب اثر جي چڻنگ ٻاريو‘ IGNITE THE COMPOUND EFFECT IN YOUR LIFE)).

’هارڊي‘ پنهنجي ڪتاب ۾ چوي ٿو ته توهان جي زندگيءَ ۾، ماڻهو، شيون، عادتون ۽ ٻيو جيڪو ڪجهه به آهي، اُها توهان جي چوائس آهي، جيڪڏهن توهان پنهنجون خراب عادتون ختم ڪرڻ چاهيو ته ننڍين ننڍين ڪوششن سان ڪمپائونڊنگ ذريعي ختم ڪري سگهو ٿا ۽ ساڳي ريت توهان سٺيون عادتون اپنائڻ چاهيو ته ننڍين ننڍين ڪوششن سان ڪمپائونڊنگ ذريعي اپنائي سگهو ٿا. ’هارڊي‘ زندگيءَ ۾ ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو 95 سيڪڙو سبب اُهي ماڻهو ٿو ڄاڻائي، جن سان توهان اُٿو ويهو ٿا. هُو چوي ٿو ته اهو ناممڪن آهي ته توهان واندن، سُـست ۽ منفي سوچ جي ماڻهن ۾ اُٿو ويهو ۽ زندگيءَ جا اهم گول حاصل ڪريو. ساڳي طرح اهو به ناممڪن آهي توهان بامقصد، محنتي ۽ مثبت سوچ جي سرڪل ۾ اٿو ويهو ۽ ترقي نه ڪيو.

بزنـس جي دنيا ۾ ڪمپائونڊنگ جا بي شمار مثال آهن. ڪي ايف سي جو مالڪ چاچو ’ڪرنل سينـڊر‘ اڌ صديءَ تائين فٽ پاٿن تي برگر وڪڻدو رهيو. چوندو هو ته سندس چڪن برگر جي ريسيپي باقي برگرس کان منفرد آهي. ڪرنل صاحب اِن ريـسيپي کي برانڊ بنائڻ جي ڪوشش ۾ هڪ هزار نـوَ ڀيرا ناڪام ٿيو. سڄي حياتي ناڪام تجربا ڪندي گذري ويس پر مجال آهي جو ڪڏهن مايوس ٿيو هجي. نيٺ 65 سالن جي عمر ۾ هڪ ڪمپني سندس ريسيپي جي فارمولي ۾ ڀائـيواري ڪئي ۽ هُـنKFC  نالي سان پنهنجي هڪ فاسٽ فوڊ ڪمپني لانچ ڪئي ۽ اڄ ان جون دنيا جي ڏيڍ سؤ ملڪن ۾ هزارين برانچون، لکين ملازم ۽ ڪروڙين ڊالرس جي بئلنس شيٽ آهي.

انڊيا جي وڏي ۾ وڏي ڪمپني ’رلائـنس انڊسٽريز‘ جو مالڪ مُڪيش امباڻي، انڊيا جو پهريون نمبر ۽ دنيا جو يارهون امير شخص آهي. امباڻي ذات جي ڪري ماڻهو کيس سنڌي سمجهندا آهن پر هُو گجراتي آهي. سندس پيءُ ويرو ڀائي امباڻي پئٽرول پمپ تي بيٺل هو. اڄ سندس ڪمپني سؤ ارب ڊالرس جي ماليت جي آهي. اهو سڀ ڪجهه ڪمپائونڊ اِفيڪٽ جي طفيل آهي. نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ جي صدر جي علائقي ۾ هڪ ريڙهيءَ وارو برياني کپائيندو هو، اڪثر شاگرد هُن جا گراهڪ هئا، ڪيئي سال فٽ پاٿ تي برياني کپائيندڙ اُهو ريڙهيءَ وارو، اڄ ڪراچيءَ جي وڏي ريسٽورينٽ چين جو مالڪ آهي، ساڳي ريڙهيءَ واري علائقي ۾ سندس ٽِه ماڙ بلڊنگ آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ سندس ۾ ڪيئي برانچون آهن.

ڀلا مڇر جو هاٿيءَ جو سان ڪو مقابلو آهي؟ ڪاڏي هاٿي، ڪاڏي ويچارو مڇر! پر انسان جي لاءِ هاٿي وڌيڪ خطرناڪ آهي يا مڇر؟ مڇر جو چڪ جيڪو مليريا جي بيماري ڏئي ٿو، ماڻهو مڇر جي پتڪڙي جسامت سبب ان کان خوف نه کائيندو آهي ۽ هاٿيءَ جي سامهون اچڻ تي پاڻ کي اُن کان بچائبو آهي ڇو ته هاٿي جو قد بت وڏو آهي. ساڳي طرح اسان صحت جي هلڪي ڦُلڪي خرابيءَ کي نظرانداز ڪندا آهيون، پاڻ ئي هڪ اڌ ٽيبليٽ کائي ڇڏيندا آهيون. بيماريءَ جي شروعات ۾ اسپتال پنهنجي پيرن وڃڻ پسند نه ڪندا آهيون، بيماري وڌي وڃڻ تي، اسٽريچر تي سمهاري ٻيا کڻي ويندا آهن يا ايمبولينس ذريعي اسپتال پهچايا ويندا آهيون. بيماريون به ’ڪمپائونڊ اِفـيـڪٽ‘ جي قانون موجب وڌنڌيون آهن. شوگر، بلڊ پريشر، ڪينسر ۽ دل جون بيماريون اوچتو ماڻهوءَ کي ناهن مارينديون، بلڪه اسان جون ننڍڙيون غلطيون ۽ لاپرواهيون ’ڪمپائونڊ‘ ٿينديون رهنديون آهن ۽ هڪ ڏينهن وڏو ’اِفـيڪٽ‘ ڏيکارينديون آهن.