چٽاگانگ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان ٽيم جي 330 رنز جي جواب ۾ پاڪستاني اوپنرز پراعتماد ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. چٽاگانگ جي ظهور احمد اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿي وئي، جنهن ۾ پاڪستان بنا ڪنهن نقصان جي 145 رنز ٺاهيون. قومي ٽيم جي اوپنرز عابد علي ۽ عبدالله شفيق پراعتماد بيٽنگ ڪندي بهترين پارٽنر شپ قائم ڪئي آهي ۽ ٻنهي ففٽيز اسڪور ڪيون آهن، عبدالله شفيق ڊيبيو ميچ ۾ ففٽي ٺاهي آهي.  عبدالله شفيق 52 ۽ عابد علي 93 رنز تي ناٽ آئوٽ آهن، جڏهن ته بنگلاديش کي پاڪستان تي 185 رنز جي برتري حاصل آهي. ان کان اڳ بنگلاديش جي پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز شروع ڪئي ته لٽن داس 113 ۽ مشفيق الرحيم 82 رنز تي بيٽنگ ڪري رهيا هئا. حسن علي گذريل ڏينهن سينچري اسڪور ڪندڙ لٽن داس کي هڪ رن جي اضافي بعد 114 رنز تي ايل بي ڊبليو ڪري ڇڏيو، لٽن داس ۽ مشفيق الرحيم وچ ۾ 206 رنز جي پارٽنر شپ قائم ٿي.