چين ۾ 132 مسافرن کي کڻي ويندڙ جهاز ڪري تباهه

0
360
چين ۾ 132 مسافرن

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) چين ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جهاز ۾ سوار سڀني ماڻهن جي اجل جو شڪار ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي

پرڏيهي ميڊيا موجب ايسٽ چائنا ايئر لائن جو مسافر جهاز 132 ماڻهن کي کڻي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو جيڪو ڏکڻ چين جي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو

ميڊيا رپورٽن موجب حادثي ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي پر هن وقت تائين ڪا به تصديق نه ٿي سگهي آهي

ميڊيا رپورٽن مطابق بوئنگ 737 گوانگزو وڃي رهيو هو ته وازو شهر جي ويجهو جبل سان ٽڪرائجي ويو، جنهن بعد جهاز کي باهه لڳي وئي، فلائيٽ ريڊار ويب سائيٽ موجب ڪري تباهه ٿيل جهاز 6 سال پراڻو آهي