ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪيس: وفاقي وزير محمد ميان سومرو ڪامياب قرار

0
595
ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ

سکر (بيورو رپورٽ)  وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي تڪ ۾ ووٽن جي ڳڻپ واري معامري جي اليڪشن ٽربيونل ۾ اعجاز جکراڻي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي

ٻڌڻي دورا آر او سمورن پولنگ اسٽيشنن جي ڳڻپ جي مڪمل نتيجن جو رڪارڊ پيش ڪري ڇڏيو، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ محمد ميان سومرو ڪامياب ٿي ويو

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آر او 31 گُم ٿيل پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا پيش ڪيا، اليڪشن ٽربيونل اعجاز جکراڻي جي درخواست تي ووٽن جي ڳڻپ جو حڪم ڏنو هو

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ مڪمل ٿي وئي آهي جنهن موجب محمد ميان سومرو ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي

اليڪشن ٽربيونل رپورٽ پيش ٿيڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي