بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران ۽ سعودي عرب لاڳاپا بحال ڪرڻ ۽ سفارتخانو ٻيهر کولڻ تي اتفاق ڪري ورتو. چين جي تخت گاهه بيجنگ ۾ سعودي عرب، ايران ۽ چين طرفان جاري ڪيل گڏيل پڌرائيءَ موجب تهران ۽ رياض اتفاق ڪيو آهي ته پاڻ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا ويندا ۽ پنهنجا سفارتخانا ۽ مشنز ٻن مهينن کان اڳ بحال ڪري ڇڏيندا. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب صدر ابراهيم رئيسي جي تازي دوري کانپوءِ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري چين جو دورو ڪيو ته جيئن چين ۽ سعودي عرب وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ سعودي وفد سان ڳالهيون شروع ڪري سگهجن. ايراني نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ۽ سعودي عرب جي قومي سلامتي جي صلاحڪار وچ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن جي ڳالهين کانپوءِ ٻنهي ملڪن لاڳاپن جي بحالي جو معاهدو ڪري ورتو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدي دوران باضابطا هڪ تقريب ۾ ايران، سعودي عرب ۽ چين طرفان هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو. جاري ڪيل بيان موجب سعودي عرب ۽ ايران ٻن مهينن اندر پنهنجا سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ ۽ سفارتخانا ٻيهر کولڻ تي راضي ٿي ويا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خود مختياري جي احترام ۽ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي زور ڏيندي ٻنهي ملڪن 17 اپريل 2001 ۾ طئي ٿيندڙ سيڪيورٽي سهڪار جي معاهدي تي عملدرآمد تي اتفاق ڪري ورتو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن 27 مئي 1988 ۾ طئي ٿيل عام معاهدي تي به اتفاق ڪري ورتو آهي، جنهن جو مقصد اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، ٽيڪنيڪي، سائنسي، ثقافتي، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ هو. پنهنجي گڏيل بيان ۾ ٽنهي ملڪن علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ هر ڪوشش ڪرڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي لاءِ ڪوششن ۽ 22-2021 ۾ ڳالهيون ڪرائڻ تي عراق ۽ عماد جا به ٿورا مڃيا، جڏهن ته هلندڙ ڳالهين جي ميزباني ۽ مدد تي چيني قيادت جا پڻ ٿورا مڃيا.  واضح رهي ته ٻنهي ملڪن وچ۾ 1970 ع کان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي جنهن ۾ مختلف وقتن تي معاهدا پڻ ٿيندا رهيا پر انهن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب اهو سلسلو جاري رهيو، 1979 ۾ پڻ ٻنهي ملڪن ۾ ويجهڙائي ٿي هئي پر بعد ۾ اها به گهڻو وقت هلي نه سگهي جڏهن ته 2016 ۾ ايران پاران هڪ مذهبي شخصيت کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ بعد سعودي عرب سخت رد عمل ڏيکاريندي ايران سان سفارتي لاڳاپا مڪمل طور ختم ڪري پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو هو جواب ۾ ايران وري سعودي عرب ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪيو هو.

اسلام آباد/ واشنگٽن(م ڊ) پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪري ڇڏي، پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي پڪو يقين آهي ته اها اهم سفارتي اڳڀرائي خطي  ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندي، اسين ان تاريخي معاهدي ڪرائڻ ۾ چين جي دور انديش قيادت جي ڪردار کي به ساراهيون ٿا، ترجمان چيو ته ٻئي پاڙيسري ملڪ ڇڪتاڻ گهٽائي خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪندا ان سلسلي ۾ پاڪستان به پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀائيندو ٻئي طرف وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ٻنهي ملڪن وچ۾ ٿيل معاهدي کان آگاهه آهي، اسين وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ واري هر ڪوشش جي آجيان ڪنداسين، وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته يمن ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي به آجيان ڪئي ويندي.