اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ملڪ جي سڀني اسيمبلين جون چونڊون گڏ ڪرائڻ جي درخواست تي رمارڪس ڏنا آهن ته 14 مئي جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي، تنهن ڪري سياسي جماعتون هڪ موقف تي اچي وڃن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي، سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهين جو مقصد پنجاب اليڪشن جو حڪمنامو ختم ٿيڻ ناهي، سپريم ڪورٽ وزارت دفاع ۽ اليڪشن ڪميشن جي گڏيل چونڊون ڪرائڻ جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي حڪومت کي 27 اپريل تائين فنڊز جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ بچاءَ واري وزارت طرفان سڄي ملڪ ۾ چونڊون گڏ ڪرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت اڄ سڀني سياسي جماعتن کي طلب ڪري ورتو، شهباز شريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته سموريون سياسي جماعتون پنهنجي نمائندن ذريعي موقف ڏين، سياسي جماعتون جيڪڏهن هڪ موقف تي اچي وڃن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي، جيڪڏهن سياسي جماعتون چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون ته عدالت انهن سان گڏ آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته سياسي جماعتن کي اڄ لاءِ نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، نگران حڪومت 90 ڏينهن کان وڌيڪ برقرار رهڻ تي به سوال اٿي ٿو، ڳالهين جو معاملو آهي ته 8 آڪٽوبر تي ضد نٿو ڪري سگهجي، هڪ طرفو ڪجهه نٿو ٿي سگهي، سياسي جماعتن کي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. جسٽس منيب اختر چيو آئين ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ تي چونڊن جو وقت مقرر آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو برطانيا ۾ جنگ دوران وقت تي چونڊون ٿيون هيون، بم ڌماڪن دوران به برطانيا ۾ چونڊون ٿيون. اٽارني جنرل چيو سيڪيورٽي فورسز جو ڪم خطرن کي منهن ڏيڻ آهي، 2001 کان سيڪيورٽي ادارا سرحدن تي مصروف آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو اليڪشن ڪميشن فنڊ ۽ سيڪيورٽي ملڻ تي چونڊون ڪرائڻ جو چيو، عدالتي حڪم هڪ کان ٻئي اداري ڏانهن موڪليو پيو وڃي، اٽارني جنرل چيو توهان جيڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا، اهو سمجهي ويو آهيان. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ڪهڙي گارنٽي آهي ته 8 آڪٽوبر تي چونڊون ٿي وينديون؟ اٽارني جنرل چيو فوج چونڊن جي مقرر وقت موجب آپريشن شروع ڪري ڇڏيا هئا. جسٽس منيب اختر پڇاڻو ڪيو ته ڇا آرٽيڪل 245 تحت فوج سول حڪومت جي مدد لاءِ ايندي آهي؟ اٽارني جنرل چيو آرٽيڪل 245 تحت بنيادي حق معطل ٿيندا آهن. جسٽس منيب اختر چيو ڇا 2018 جي چونڊن ۾ بنيادي حق معطل ٿيا؟ وفاقي حڪومت آرٽيڪل 245 جو اختيار استعمال ڇو نه پئي ڪري؟ ڇا آئين مٿانهون ناهي؟ فوج ملڪ لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج جا ته سڀني کي ٿورا مڃڻ گهرجن. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اميد ٿا ڪيون ته حڪومت پنجاب ۾ چونڊن بابت پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪندي، حڪومت پنهنجو فيصلو ڪرڻ بعد عدالت کي آگاهه ڪري، حڪومت ائين نه ٿي ڪري ته پوءِ ان جا سٺا نتيجا نه هوندا، چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنجاب ۾ اليڪشن بابت دفاع واري وزارت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جي منظوري وٺڻ بدران معاملو پارليامينٽ ڏانهن اماڻيو ويو، عدالت کي چيو ويو هو ته سپليمينٽري گرانٽ کانپوءِ منظوري ورتي ويندي،  ڇا اليڪشن لاءِ ئي ائين ٿيندو آهي يا عام حالتن ۾ به ائين ٿيندو آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته اسٽينڊنگ ڪاميٽي حڪومت کي هدايت جاري ڪئي هئي، جسٽس منيب اختر چيو ته اسٽيڊنگ ڪاميٽي ۾ حڪومت جي اڪثريت آهي، حڪومت کي گرانٽ جاري ڪرڻ کان ڪيئن ٿو روڪي سگهجي؟ وزيراعظم وٽ اسيمبلي ۾ اڪثريت هئڻ گهرجي، آئين حڪومت کي اختيار ڏئي ٿو ته اسيمبلي قرارداد ڪيئن ٿي منظور ڪري سگهي؟ اٽارني جنرل چيو ته گرانٽ جي بعد ۾ منظوري وٺڻ رسڪي هو، جسٽس منيب اختر چيو ته توهان جيڪا ڳالهه ڪيو پيا اها شڪي لڳي رهي آهي، اٽارني جنرل صاحب! سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، معاملو گهڻو سنجيده آهي، وزيراعظم وٽ اسيمبلي ۾ اڪثريت هجڻ لازمي آهي، چيف جسٽس چيو ته حڪومتي گرانٽ رد ٿيڻ جو خدشو اسيمبلي جي وجود جي خلاف آهي، هن وقت اهڙو ڪهڙو منفرد خطرو آهي جو اليڪشن نه پئي ٿي سگهي، ڪهڙي گارنٽي آهي ته 8 آڪٽوبر تي حالتون ٺيڪ ٿي وينديون؟ دفاع واري وزارت به اندازو لڳايو آهي، اندازن تي حڪومتون نه ٿيون هلي سگهن، چيف جسٽس چيو ته اميد ته حڪومت آئيني عمل لاءِ فنڊز جي فراهمي تي مثبت جواب ڏيندي، اسان کي سڪيورٽي صورتحال بابت ٻڌايو ويو آهي، ماضي ۾ دهشتگردي جي لهر دوران ئي اليڪشنز ٿيون، شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت جي سال به چونڊون ٿيون، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته آڪٽوبر تائين چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، اليڪشن ڪميشن به هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جو چيو آهي، ملڪ ۾ دهشتگردي 1992 کان هلي رهي آهي،  دهشتگردي ملڪ ۾ 1992 کان جاري آهي، 1987، 1991، 2002، 2008، 2013 ۽ 2018 ۾ اليڪشنز ٿيون، هاڻ اهڙو انوکو خطرو آهي جو اليڪشنز نٿيون ٿي سگهن؟ اٽارني جنرل چيو ته اڳ سڀ سڪيورٽي فورسز گڏجي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا هئا، هاڻي ٻن صوبن ۾ الڳ الڳ چونڊون ڪرايون وينديون، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي 27 مارچ تي شروع ٿي، اسان کي 27 مارچ کان الجهايو ويو ، بينچ ٽٽڻ، سياسي پارٽيز جو بينچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ، عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ عدالت کي الجهائڻ هو، اٽارني جنرل صاحب! ڊي جي ملٽري آپريشنز اسان کي توهان جي ذريعي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊفينس سيڪريٽري به موجود هئا، بريفنگ ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊفينس سيڪريٽري به موجود هئا،  بريفنگ مان خبر پئي ته اصل صورتحال ڇا آهي، جڏهن ڪيس هلي رهيو هو ته ڪو به اسان کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ نه آيو، هاڻ پوئتي نٿا هٽي سگهون، چيف جسٽس چيو ته چونڊن لاءِ فنڊز فراهم نه ڪرڻ جا شديد سنگين نتيجا اچي سگهن ٿا، مولا اسان کي همٿ ڏئي ته صحيح فيصلو ڪريون ۽ اسان کي نيڪ ماڻهن ۾ شامل ڪري جڏهن هليا وڃون ته اسان کي سٺن لفظن ۾ ياد رکيو وڃي، وزارت دفاع جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ وزارت دفاع جون درخواستون فيصلو واپس وٺڻ جي بنياد ناهي، اليڪشن ڪميشن پهريان چيو ته وسيلا ڏيو اليڪشن ڪرائينداسين، هاڻي چوي ٿي ته ملڪ ۾ انارڪي پکڙجندي، اليڪشن ڪميشن پورو ڪيس ٻيهر کولڻ چاهي ٿي، وزارت دفاع جي رپورٽ ۾ عجيب استدعا آهي ڇا وزارت دفاع گڏيل چونڊن جي استدعا ڪري سگهي ٿي؟ وزارت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي، ٽي وي تي ٻڌو آهي ته وزير اهو به چون ٿا ته آڪٽوبر ۾ به اليڪشن مشڪل آهي، اٽارني جنرل سياسي پارٽين جي ڳالهين تائين مهلت گهري، اٽارني جنرل چيو ته ملڪ سياسي ڊائلاگ لاءِ ڪوششون جاري آهن، حڪومتي پارٽيون پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي آهن، بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان کي راضي ڪري وٺندو، عدالت مهلت ڏئي ته معاملو حل ٿي سگهي ٿو. چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل جي ڳالهه ۾ وزن آهي، منجمد سياسي نظام هلڻ شروع ٿي رهيو آهي، سياسي پارٽيون هڪ موقف تي اچن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي، سياسي پارٽيون چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيو ته عدالت انهن سان گڏ آهي، آئيني عمل اڳتي هلندو رهي، عيد جون 5 موڪلون اچي رهيون آهن، هي معاملو وڌيڪ ڊگهو نه ٿيڻ گهرجي، وڪيل شاهه خاور چيو ته عدالتي فيصلو ڪڏهن هڪ سبب جي ڪري لاڳو نه ٿي سگهيو ته ڪڏهن ٻئي سبب جي ڪري، عملدرآمد ضروري آهي، پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ چونڊون گڏ ٿيڻ گهرجن، ڌار ڌار چونڊن سان مسئلا ٿيندا. چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري کان سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ ڳالهيون چاهي ٿي؟ سياسي اتفاق راءِ ٿيو ته 14 مئي جو فيصلو لاڳو ڪرائينداسين، سياسي عمل اڳتي نه وڌيو ته اليڪشن ۾ ٽڪراءُ ٿي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڏنو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ٻڌائي ته جماعت اسلامي سميت ٻين سياس پارٽين جا نامزد اڳواڻ پيش ٿين، عدالت ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪندي سڀني سياسي جماعتن کي سينيئر اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو، سپريم ڪورٽ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون گڏ ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ 2 درخواستون داخل ڪيون ويون.هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جون درخواستون شهري محمد عارف ۽ سردار ڪاشف خان طرفان داخل ڪيون ويون، ان کان اڳ دفاع واري وزارت سموري ملڪ ۾ گڏ چونڊون ڪرائڻ جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي جيڪا رد ڪئي وئي. جڏهن ته سُپريم ڪورٽ چونڊن لاءِ فنڊز بابت درخواستن تي ٻڌڻي جو حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته سياسي پارٽين کي ڳالهين جو موقعو ملڻ گهرجي، پر اهي ڳالهيون آئين سان ٽڪراءُ ۾ نه هجڻ گهرجن، موجوده صورتحال ۾ ڊائلاگ ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي، بادي النظر ۾ سياسي پارٽين کي چونڊن تي ڳالهين جو موقعو ڏيڻ واري راءِ ٺيڪ آهي، اِن جو مطلب اهو ناهي ته پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ وارو حڪم ختم ٿي ويو، عدالتي حڪم تي عملدرآمد آئيني ذميواري آهي، عدالتي حڪم جي نافرماني جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، اٽارني جنرل اِن پاسي وزيراعظم ۽ ڪابينا جو ڌيان ڇِڪائي، چونڊن لاءِ 21 ارب روپين جي ڊمانڊ رد ٿيڻ جا سنگين آئيني اثر آهن، هڪڙو مطلب هي به آهي ته وزيراعظم ۽ ڪابينا اعتماد وڃائي ويٺا آهن، اٽارني جنرل چيو ته ائين ناهي، وزيراعظم ۽ ڪابينا کي ايوان ۾ اڪثريت جي حمايت حاصل آهي، اٽارني جنرل جي اها راءِ فوري طور قبول ڪئي وڃي ٿي، ڊمانڊ رد ٿيڻ سان پيدا ٿيل صورتحال کي تيزي سان ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ بچاءَ واري وزارت جي اعتراضن ۾ وزن ناهي، سياسي پارٽين جي مشاورت شامل هجڻ سان چونڊون بهتر ٿينديون، ٻيو ڪوبه رستو چونڊن بابت عدالتي فيصلي کي ختم نٿو ڪري سگهي، سياسي پارٽين، حڪومت ۽ اٽارني جنرل کي سڀاڻي (اڄ) لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن، سياسي پارٽين جا سينيئر عهديدار سڀاڻي (اڄ) عدالت ۾ پيش ٿين.