اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 10 سالن کان آڊٽ نه ٿيڻ جي خبرن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي ترجمان وضاحت ڏني آهي ته سپريم ڪورٽ جي جون 2021 تائين آڊٽ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ 2021 کان 2022 جي آڊٽ جو عمل جاري آهي. ترجمان موجب سپريم ڪورٽ جي آڊٽ بابت آڊيٽر جنرل پاڪستان کان تصديق ڪري سگهجي ٿي، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي کي ڏنل ڄاڻ درست ناهي. واضح رهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي آڊٽ بابت رجسٽرار کي طلب ڪيو هو.