چونڊڪو (ن پ ا) چونڊڪو ڀرسان سوراھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارباب بڙديءَ ۾ 19 سالن جي ربنواز پٽ آچر بڙدي پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان گهر جي ڇت ۾ لڳل پکي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي سوراھ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙهه گهر آڻڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او سوراھ محمد خان سيال ٻڌايو ته نوجوان پسند جي  شادي نه ڪرائڻ تان خودڪشي ڪئي آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.