ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺوري ويجهو  مڊل اسڪول ڪانڌڙا  لڳ قائم ڳوٺ انور سولنگي ۾ اوچتو باھ ڀڙڪي پئي ۽ سڄي ڳوٺ کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو جنهن سبب پورهيت ڳوٺاڻن انور سولنگي، علي سولنگي، رجب سولنگي، عبدالوهاب ۽ نواز جا گهر سڙي رک ٿي ويا. گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، باھ متاثر ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اچانڪ سان باھ لڳڻ کان پوءِ فوري طور تي ٽائون انتظاميا کي اطلاع ڪري فائر برگيڊ موڪلڻ جو چيو ليڪن فائر برگيڊ نه پهتي جنهن سبب ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن باھ تي ضابطو نه اچڻ سبب ڪيترائي گهر سڙي رک ٿي ويا. اسان جي بحالي ۾ مدد ڪئي ويئي وڃي.