پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ لڳ فيض محمد ٻنڊو واري علائقي ۾ غازي خان مڱڻيجو ۽ زميندار لياقت علي ناريجو  وچ ۾ ڪيترن ئي سالن کان زمين جي دنگ تان ھلندڙ تڪرار جي نبيري لاءِ ڌريون راضي ٿي ويون. راڄوڻي نبيرو سھراب خان سرڪي ۽ حسين بخش ناريجو جي سرپئنچي ھيٺ سکر  ۾  ٿي گذريو. ٻنهي ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد  فتوا جاري ڪندي ٻڌايو ويو ته غازي خان مڱڻيجو ۽ زميندار لياقت علي ناريجو تڪراري زمين جي نبيري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. ڄاڻايل زمين جي ماپ چڱن مڙسن جي موجودگي ۾ ڪئي ويندي، جنهن مان ستر سيڪڙو حصو غازي خان مڱڻيجو ۽ باقي 30 سيڪڙو حصو لياقت علي ناريجو کي ڏياريو ويندو. اهڙي فتوا جاري ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ڌرين فيصلي کي قبول ڪيو. ان موقعي تي موجود معززن ٻنهي ڌرين کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ڪيترن ئي سالن کان ڄاڻايل ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪيءَ تان جهيڙو ھلندڙ ھو جنھن ۾ مختلف وقتن تي ٿيل جهيڙن دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا هئا.