چونڊڪو ( ن پ ا ) نارا آئيس فيڪٽري واري محلي جي رهواسڻ 32سال جي منظوران زال محمد حسن گوپانگ گهر کان چونڊڪو اسپتال ايندي رستي ۾ فوت ٿي وئي، ڊاڪٽرن عورت جي موت جي تصديق ڪئي، وارث عورت جو لاش کڻي گهر روانا ٿي ويا، ان سلسلي ۾ اسپتال جي ڊاڪٽر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شهر جي نارا آئيس فيڪٽري محله جي رهواسڻ 32سالا عورت مسمات منظوران زال محمد حسن گوپانگ کي وارث اسپتال کڻي آيا هئا پر عورت رستي ۾ فوت ٿي چڪي هئي سندس وارثن ٻڌايو ته کيس پيٽ ۾ معمولي سور پيو هو، جنهن سبب عورت فوت ٿي وئي آهي.