ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي اسٽيشن تي هڪ مهيني اندر پنجون حادثو پيش آيو آهي، جنهن تحت ڪوٽڙي اسٽيشن ويجهو مال گاڏي جا 2 گاڏا پٽڙي تان لهي ويا. ڪوٽڙي ڊائون يارڊ تي لاهور کان ڪراچي ويندڙمال گاڏي جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. مال برادر گاڏي جا گاڏا هٽائڻ لاء ۽ ٽريڪ بحال ڪرڻ لاء پي ڊبليو آء جو عملو طلب ڪيو ويو جنهن مرمتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، حادثي سبب 100 فٽ ريلوي ٽريڪ تباھ ٿي وئي. بحالي جو ڪم رات دير تائين جاري هو.