مٽياري (رپورٽر) مٽياري ڀرسان ميمڻ جي وسين ۾ ڇت تي ستل نوجوان ڪشور اوڏ رف ڪيٽو پراسرار نموني ڇت تان ڪري فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪشور اوڏ عرف ڪيٽو رات پنهجي گهر جي ڇت تي ستل هو ته پراسرار نموني ڪري پيو ۽ مغز ۾ ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، سندس وارث ٽنڊوالھيار واسي ارمان اوڏ ٻڌايو ته ڪشور جو سمورو ڪٽنب ڪجهه ڏينهن اڳ ميمڻ جي وسين کان ٽنڊوالھيار لڏي ويو هو. هي هتي اڪيلو رهندو هو، جيڪو ڇت تان ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو جنهن جو مڙهه وارث پوليس کي بنا اطلاع ڏيڻ جي ٽنڊوالھيار کڻائي ويا.