چونڊڪو (ن پ ا) سوراھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نئون ڪوٽڙو ۾ پلاٽ جي مامري تان ڪاندڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب پنج ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، جن کي آر ايڇ سي سينٽر چونڊڪو منتقل ڪيو ويو، جتان کين خيرپور اسپتال ريفر ڪيو ويو، آصف علي ڪاندڙو ۽ علي مدد ڪاندڙو چيو ته اسان جي ڳوٺ جي پلاٽ مان قديمي رستو آھي جنهن تي مير ڪارو ڪاندڙو رسول بخش عنايت ڪاندڙو ۽ ٻين حملو ڪري محمد آصف علي مدد تنوير احمد صدير احمد ۽ سعيد کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو آھي.